سکر ۾ اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ ٻين جي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جسقم پاران پيدل مارچ، ڌرڻو

0
342

سکر (بيورو رپورٽ)  سکر ۾ اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ ٻين جي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جسقم پاران پيدل مارچ ڪيو ويو

جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريا ڪماري سميت ٻين ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جسقم جو پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين پيدل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ناياب سرڪش ، پنهل ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن  نياڻي پريا ڪماري ۽ ٻين جي  بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي، مظاهرين پاران پريا ڪماريءَ  سميت اغوا ٿيل سڀني ٻارڙن جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پريا ڪماري ۽ ٻين معصوم ٻارن جي زندگين کي خطرو آهي، معصوم ٻارن کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس ناڪام ٿي وئي آهي، معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرايو وڃي

جڏهن ته ڌرڻي ۾ پريا ڪماري جا وارث ۽ مائٽ به شريڪ آهن، پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

پريا ڪماري بازياب نه ٿي: نياڻي جي جدائي ۾ امڙ جي حالت خراب