سچل سرمست جي عرس جي مناسبت سان …. واهه مِٽي تنهنجو مُلهه!

0
46
سچل سرمست جي عرس جي مناسبت سان .... واهه مِٽي تنهنجو مُلهه!

 دنيا جي مذهبن جي تاريخ جيتري قديم آهي، تصوف جي تاريخ اوتري ئي پراڻي آهي. ويدانت بابت ويدن ۾ آيو آهي ته، “ايڪو اهم ….. بهم سامي” مطلب ته، مان هڪ ئي آهيان ۽ گهڻائي ۾ هجڻ چاهيان ٿو. (I am One, and wish to appear in many.) ڀڳوت گيتا ۾ آهي ته، “مان سڀني ساهوارن جو بنياد آهيان ۽ سڀ شيءِ مون منجهان آهي” (I am origin of all: From Me every creation proceeds.)  گوتم ٻڌ چيو هو ته: دنياوي اونداهي ۽ الاهي روشني، ٻئي ماڻهوءَ جي من ۾ موجود آهن، اهو ان تي منحصر آهي ته هو جيڪا راهه اختيار ڪري. (Worldly darkness and divine light both are inside human heart. Its up to him to develop any one.)  انجيل مقدس ۾ آهي ته، “مان ۽ پيدا ڪرڻ وارو هڪ آهيون”. (I and Father are One.)

                 حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو فرمان آهي ته، “جنهن مون کي ڏٺو، تحقيق ان رب کي ڏٺو” (He who has seen me, has no doubt seen Allah.) واضح ٿيو ته تصوف هر دور ۾ رهيو آهي ۽ هر مذهب ۾ اهلِ دل، اهلِ درد ۽ اهلِ حق عاشقن جي زندگي گذارڻ جو ذريعو رهيو آهي. پر سنڌ اندر وحدت الوجودي صوفين جي سرواڻ جي خيال ۾ عقل وارن ۽ عشق وارن جو جوڙ ڳنڍجي نه سگهيو آهي. سندس بقول ته:

عقل ڪهتي هئي وظيفي ياد ڪر- عشق ڪهتا هئي ڪه دک آباد ڪر.

عقل ڪهتي دين سي آگاهه بن- عشق ڪهتا فقير ڪا همراهه بن.

عقل ۾ شامل هئي دوئي ڪا اثر- عشق مين توحيد شامل سربسر.

مالڪ جي پيدا ڪيل مخلوق ۾ ملائڪ به آهن ته انسان به. ملائڪ گناهن کان ان ڪري آجا آهن, جو وٽن گناهن جي قدرت ئي ڪانهي. انسان کي جتي خالق گناهن جا سڀئي اسباب سپرد ڪيا آهن، اتي عقل سان گڏ عشق جي امانت به عطا ٿيس. جيئن سچل سائين سمجهايو ته:

ايڪ الستي عهد اور قالو بليٰ

عشق ڪي آواز ٿي اور ڪڇ نه ٿا

وري اهو به چيائين ته:

“ناهي ميسر مَلڪن، اها امانت عشق جي”

حضرت آدم کي احسن تقويم (Best Creation) ۽ اشرف مخلوق جو درجو يا رتبو ڏئي جڏهن الستي اقرار ورتائينس ته سچل سائين هن ريت حيرت جو اظهار ڪيو:

“مَلڪن پئي سجده ڪيا، واهه مِٽي تنهنجو مُلهه”

ان کانپوءِ اڳتي جو احوال ڏيندي سچل سائين چيو ته:

ڇوڙ فلڪ، زمين تي آيا.

عرش ڪرسي وچ ۾ نه سمايا

هن انسان ذات جي ڪثرت ۽ وسعت بابت پيغام ڏنو ته اميري غريبي، نسلي، گروهي يا مذهبي وڇوٽيون فقط انساني وهم و گمان جون پيدا ڪيل آهن، نه ته ظاهري توڙي باطني ان “واحد حقيقت” جا مختلف روپ آهن.

آنکين کول ڪي ديک تماشا، ايڪ هي صورت ساري هئي.

ڪهين وه مومن، ڪهين وه  ڪافر، ڪهين اپنا هي پوجاري هئي.

اصل هئي مِٽي، نام الڳ هين، اسم ڪي يه اظهاري هئي.

سچل سب وه سچ ڪهتا هئي، جهوٽ سي وه انڪاري هئي.

ان ۾ ڪوبه شڪ گمان نه آهي ته ابن العربي شيخ محي الدين کانپوءِ هن خطي ۾ وحدت الوجودي فڪر يعني “سڀ جو مالڪ هڪ” جو سڀ کان وڏو پرچارڪ سچل سرمست ئي آهي. هن کي پنهنجي وڏڙن کان ورثي ۾ مليل صوفياڻي سوچ ته دل ۽ دماغ اندر سمايل هئي پر اڳتي هلي زماني جي ضرورتن موجب ان کي فروغ ۽ وسعت ڏنائين، جيئن اڪثر عالم، شاعر، هنرمند يا دانشور ڪندا آهن، ڇو ته اهي پنهنجي دور جي سياسي، سماجي حالتن جا ترجمان هوندا آهن. سچل سرمست جي بيباڪ ۽ سرمستانه سخنوري سندس دور جي عڪاس آهي. بيباڪ اندازِ بيان جو نمونو هي آهي:

“نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آهيان امن جو امير”

هو پنهنجو تعارف امن جي امير طور ڪرائي رهيو آهي، ڇو ته سندس دور سنڌ جي تاريخ جو مشڪل ترين دور سڏيو وڃي ٿو. امن بابت سندس اشارو واضح ڪري ٿو ته امن تڏهن قائم ٿيندو آهي، جڏهن قانون ۽ انصاف موجود هوندو آهي. قانون جي حڪمرانيءَ کانسواءِ امن ۽ انصاف جو قائم ٿيڻ ناممڪن هوندو آهي. هن جي دوررس نگاهن کي ان ڳالهه جو ادراڪ هو ته متان ڪڏهن قانون نرم ٿي وڃي ۽ منصف پنهنجي تارازي چمڪ سان ڀري وٺن، تنهنڪري هن پاڻ کي منصف، قاضي يا قانوندان ڪونه سڏايو.

شعر و سخن جي سرزمين جي سرمست سلطان سچل سائين جي حڪمراني صرف هڪ سنڌي ٻوليءَ تي ئي نه آهي، هو سرائيڪي، فارسي ۽ اردوءَ جو به عظيم شاعر آهي. ٻين ٻولين ۾ پنهنجي فڪر ۽ فهم جي ڦهلاءَ جو بنيادي مقصد به سندس آڏو آهي. لساني، گروهي تعصبات ۽ مذهبي منافرت جي حوصلي  شڪني ڪرڻ هڪ سچي صوفيءَ جو پيغام عشق الاهي جي خمير مان سرجندو آهي ۽ ان ئي پسمنظر ۾ سمجهائيندا آهن ته خالق جو پنهنجي مخلوق لاءِ لطف و ڪرم هڪجهڙو هوندو آهي. سج جي تپش يا موسمن جو تغير فقط ڪنهن هڪ انساني گروهه لاءِ ناهي هوندو.

“سج ڪڏاهين مول نه ويکي، پاڪ پليتان جايان”

هر رنگ، نسل، مذهب ۽ مسلڪ جي ماڻهوءَ جو بک ۽ اڃ اجهائڻ جو هڪ ئي فطري طريقو آهي. اهڙي ريت بيمارين جي علاج جو نسخو به سڀني لاءِ ساڳيو آهي، باقي هٿرادو دوريون آهن.

صاحب اُٿان آڪر اِٿون، آدم نام  سڏايا

هر شيءَ دي وچ اندر ٻاهر، صاحب آپ سمايا

‘سچو’ سڀ ڪنهن صورت اندر، رنگي رنگ بڻايا.