جسٽس شوڪت عزيز کي مليل انصاف

0
43
زنجيرن ۾ جڪڙي ٽنگيل معصوم مغوي

هن ملڪ جي عدليه ۾ جسٽس منير جو روح ايترو ته سرايت ڪري ويل آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن فيصلن ۾ اڃان تائين اهو ڳالهائيندي ٻڌبو ۽ نظر ايندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي تڪراري فيصلن جي ڪري عدليه پنهنجي توقير تي پاڻ ئي آڱر کڻڻ لاءِ اسباب مهيا ڪندي رهندي آهي. تازو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ (چيف جسٽس آف پاڪستان) جي سربراهي ۾ جوڙيل بئنچن ٻه شاندار فيصلا ڏنا آهن، جن مان هڪڙو فيصلو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي سزا جي حوالي سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي موڪليل ريفرنس تي ٻڌايو ويو ۽ جنهن ۾ اهو تسليم ڪيو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي فيئر ٽرائل وارو حق ڪونه مليو ۽ ان خلاف ڏنل فيصلي ۾ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيو ويون، جڏهن ته ٻيو فيصلو اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ اڳوڻي جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ کي سپريم جڊيشل ڪائونسل طرفان برطرف ڪرڻ واري سفارش بابت پڻ آهي، جنهن ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي سفارش ۽ فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي جسٽس صديقي جي حق ۾ فيصلو ڏنو ويو آهي ۽ کيس پينشن سميت سمورين مراعتن جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ڪيس جي فيصلي ۾ دير ٿي، جنهنڪري شوڪت عزيز رٽائرمينٽ جي عمر تائين پهچي ويو، ان کي جج طور بحال نٿو ڪري سگهجي. جسٽس شوڪت صديقي رٽائرڊ جج تصور ٿيندو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس شوڪت صديقي کي شفاف ٽرائل کان محروم رکيو ويو ۽ جنرل فيض حميد تي الزام ثابت ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته شفاف  ٽرائل بنا جج کي هٽائڻ عدليه جي آزاديءَ لاءِ وڏو ڌڪ آهي.

اسان جي ملڪ جي عدليه جي تاريخ انصاف جي ابتڙ آيل فيصلن جي ڪري انتهائي تڪراري ۽ سوال جوڳي رهي آهي. اعليٰ عدليه جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اها آمرن جي ڀرجهلي، حامي ۽ حمايتي ۽ ساڻن  گڏ بيٺل نظر آئي آهي. عدليه آمرن جي فيصلن کي قبوليت ڏني ۽ ايتري قدر جو سنگين غداري وارن قدمن جون مڙئي مدايون ميٽيون ويون. ايتري قدر جو ججن پي سي او تحت قسم کنيا. عدليه جي ان ئي ڪردار جي ڪري هن ملڪ ۾ جمهوريت جو سلو پختو ٿي نه سگهيو آهي. الميو اهو آهي ته خود عدليه جي معزز ججن کي به انصاف وٺڻ لاءِ پاڻ عدالتي ڪٽهڙي ۾ بيهڻو ۽ انصاف وٺڻو پيو، جنهن جو هڪ مثال خود موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آهي ۽ ٻيو سپريم جڊيشل ڪائونسل جي نا انصافي جو نشانو جسٽس شوڪت عزيز صديقي بڻيو آهي. سپريم جڊيشل ڪائونسل جي سفارش تي 2018ع ۾ تڏهوڪي صدر عارف علوي جسٽس شوڪت عزيز جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. جڏهن هن ملڪ جي عدالتي سرشتي ۾ خود منصفن کي به انصاف پلئه نه پوي ته ان مان اهو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته عام ماڻهن کي ڪهڙو انصاف ملندو هوندو. جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي ڳجهن ادارن تي الزام لڳايا هئا ته اهي عدالتي ڪم ۾ مداخلت ٿا ڪن، ايتري قدر جو من پسند فيصلن لاءِ بينچ جوڙڻ لاءِ پڻ مداخلت ڪئي وڃي ٿي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي ڳجهي اداري جي اڳوڻي ڊي جي جنرل فيض حميد تي پڻ دٻاءُ وجهڻ جا الزام لڳايا هئا ۽ هن اهڙو اظهار بار طرفان هڪ ميڙاڪي کي خطاب دوران ڪيو هو.

جسٽس شوڪت عزيز تازي فيصلي اچڻ کانپوءِ به اها پنهنجي گهر ورجائي آهي ته معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. حقيقت به اها آهي ته جسٽس شوڪت عزيز کي انصاف ته ڏنو ويو آهي پر جيڪي ناانصافي جو سبب، محور ۽ مرڪز رهيا آهن، انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ گهرجي. عدليه تڏهن ئي انصاف مهيا ڪري سگهي ٿي، جڏهن اها هر دٻاءُ کان آجي هجي پر اسان جي ملڪ ۾ عدليه کي هميشه مرضيءَ موجب هلائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. عدليه جي آزادي ان جي فيصلن مان نظر ايندي آهي پر بدقسمتي اها آهي ته ملڪي تاريخ ۾ حڪمرانن هميشه عدليه کي ڍال طور استعمال ڪيو آهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي لڳايل الزامن بابت پڻ جاچ ٿيڻ گهرجي ها، پر ايئن نه ڪيو ويو. هن ملڪ جي عدليه کي آزاد فيصلن جي ذريعي پنهنجي توقير مڃرائڻي پوندي.