سيوھڻ (ن پ ا) سيوهڻ جي عبد الله شاهه انسٽيٽوٽ ۾ ويم لاءِ آندل ڳوٺ مناھيون جي 20 ورھين جي نوجوان ناري مسمات نصرت لاشاري آپريشن دوران فوت ٿي وئي، جنهن بعد ناري جي وارثن آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ارم پنھور تي غفلت جو الزام هڻندي اسپتال ۾ سخت احتجاج ڪيو ۽ ڀڃ ڊاھ پڻ ڪئي. ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن جبار لاشاري، گلشير لاشاري، علي گوھر لاشاري، خادم حسين لاشاری چيو ته اسان نصرت کي ڊليوري لاءِ سيوھڻ جي عبد الله شاهه انسٽيٽوٽ پھچايو جتي ڊيوٽي تي موجود گائني انچارج ڊاڪٽر ارم پنھور چيو ته عورت جو سيزر ٿيندو، رت جي ضرورت آهي جنهن بعد اسان رت جو بندوبست ڪڻ وياسين ته ڊاڪٽرن ناري نصرت کي بيھوشي جي حالت ۾ سي سي يو وارڊ ۾ منتقل ڪري اسان جي اجازت ۽ ڪاغذن تي صحيع وٺڻ بنا سندس سيزر ڪيو، جنھن بعد ٻڌايو ويو ته توهان جي عورت فوت ٿي وئي آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته اسپتال جي ايڊمن بابر لوڙھائي ۽ ڊاڪٽرياڻي ارم پنھور خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف سيوھڻ انسٽيٽوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي رابطو ڪرڻ تي چيو ته معاملي جي جاچ ڪري رھيا آهيون جنهن ۾ غفلت ثابت ٿيڻ تي ذميوار عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻو پوليس سميت واقعي واري ھنڌ پھچي صورتحال تي ضابطو آندو ۽ متاثر ڌر سان ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو ته ڪنھن سان به نانصافي نه ٿيندي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ذميوارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف ناري جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت سيوھڻ ٿاڻي تي ڊاڪٽر ارم پنھور خلاف ابتدائي طور تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.