سوال/سروي … سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ ٽينٽ سٽي قائم نه ٿي، متاثر بي يارو مددگار ويٺل، برساتي پاڻي به نيڪال ناهي ٿيو: عوام

0
282

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان جي علائقي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ٿي آهي؟ حڪومت يا مقامي انتظاميا متاثرن جي واهر ڪري رهي آهي؟ اوهان وٽ پاڻي نيڪال ٿيو آهي؟ متاثرن جي ڇا صورتحال آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان جي علائقن ۾ ٽينٽ سٽي قائم نه ٿي آهي نه ئي برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، جتي ٽينٽ سٽي جوڙي وئي آهي اتي سهولتون به نه آهن، متاثرن جي واهر نه ٿي رهي آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اسحاق ساگر ڀٽي لکيو ته ميرپورخاص جي شهر جهڏو جا اٽڪل 30 هزار ماڻهو کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، شهر پاڻي جي گهيري ۾ آيل آهي، شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي پر حڪومت طرفان نه ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي نه ٻوڏ متاثرن جي ڪا مناسب واهر ٿي آهي، محمد ملوڪ عباسي لکيو ته ٺاروشاھ ۽ ڀرپاسي جي مختلف يوسين ٽينٽ ڪالونيون قائم نه ڪيون ويون آهن سرڪاري اسڪولن ۾ متاثرين کي ڪا به سهولت نه پئي ڏني وڃي ڪيترائي خاندان پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، نور احمد ڪاتيار لکيو ته اسان وٽ حيدرآباد ٽينٽ سٽي ٽنڊو محمد خان روڊ تي ليبر اسڪوائر وٽ قائم ڪئي ويئي آهي، جتي سهولتون ناهن، گل حسن شر لکيو ته سانگھڙ ۾ ٽينٽ سٽي جو نالو نشان ناھي سانگھڙ جمڙائو روڊ تي ٽن ڪلوميٽرن تائين پاڻي ئي پاڻي آھي، نديم علي چانڊيو لکيو ته وارهه ۾ متاثرن جي واهه ڪئي وڃي، حيدر بخش چانڊيو لکيو ته وارهه شھر هن وقت ٻين شهرن کان ڪٽيل آھي، عابد ڀٽي لکيو ته عمرڪوٽ ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي، محبوب درس لکيو ته سامارو ڳوٺ کاروڙو خاصخيلي ۾ 6 ڦوٽ پاڻي بيٺل آهي، شاهه محمد رستماڻي لکيو ته اسان جي ضلعي دادو ۾ حڪمران ته غائب آهن، ايڊووڪيٽ سنيل شتروگهن لکيو ته حيدرآباد جي ٻهراڙين جو برو حال آهي. سلامت گپچاڻي لکيو ته حڪومت سنڌ پاران ضلعي شھيد بينظيرآباد جي انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي متاثرين کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن ڪٿي به يوسي گپچاڻي ۾ ڪٿي به ٽينٽ سٽي قائم نه ڪئي وئي آهي نه ئي شھرن مان پاڻي نيڪال ٿيو آهي، سڪندر علي لکيو ته ٽالهي ۾ ٽينٽ سٽي ناهي، فدا حسين ابڙو لکيو ته اسان جي يونين ڪائونسل ڳجهڙ تعلقي ڏوڪري ۾ حڪومتي ڌر جي متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي، زاهد علي پيرزادو لکيو ته يوسي ڪنڌر۾ ڪا به شيءِ ناهي، بلاول جانوري لکيو ته  سيتا روڊ ڀرسان سوين ڳوٺ ٻڏي ويا آهن متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ ٽينٽ سٽي قائم ناهي ٿي، خان لکيو ته جوهي تعلقي ۾ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، شاهد ڏاهري لکيو ته ڀريا روڊ ۾ ٽينٽ سٽي قائم ناهي ٿي، توڪل جان مري لکيو ته صالح پٽ ۾ ڪا به سهولت ناهي، سرمد بلوچ لکيو ته ڪوٽڙي ۾ 100 فيمليز کي ٽينٽ ۽ راشن جي ضرورت آهي، ارشاد علي لکيو ته ڪوٽڏيجي ۾ ڪو به نه آيو آهي، محبوب علي لکيو ته ڪريم بخش کوسو ۾ سامان به وڏيرن کي ملي ٿو، ثناءُالله منگي لکيو ته متاثرن کي ٽينٽ مليا آهن پر ناڪارا آهن، محمد حنيف لکيو ته محرابپور جي ڳوٺ محمد بخش کوکر ۾ 100 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا ڪا امداد ناهي ٿي، عمران سانگي لکيو ته خيرپور، ڪوٽڏيجي، فيض گنج، ٺري ميرواهه ۾ ٽينٽ سٽي ٺهي آهي، عبداللطيف لکيو ته ٺري ميرواھ ۾ ڪنھن به قسم جي ڪا به سھولت ڪانھي،نه ڪنھن مڇر مار اسپري ڪرايو آھي نه ئي وري مڇردانيون مليون آھن نه ئي وري ٽينٽ مليو آھي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ڪرونڊي شهر ۾ ٽينٽ سٽي صرف نالي ماتر قائم ڪئي وئي آهي صرف ٽينٽ لڳايا ويا آهن انهن ۾ متاثرن کي رهڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ايم اسحاق بوزدار لکيو ته قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جي ستن 7 ئي تعلقن ۾ٽينٽ سٽي قائم ناهي ٿي، فراز علي پٺاڻ لکيو ته شھر ٺٽ ڳوراهو ۾ رهواسين جي مدد ڪئي وئي آهي، نظر محمد لکيو ته يوسي ڪنب ۾ ڪجهه ناهي مليو، لال بخش مهر لکيو ته اسان جي ڳوٺ ڪنڊو فقير مهر يوسي مڇالو تعلقو ميرپور ماٿيلو ۾ نه ئي پاڻي نيڪال ٿيو آھي نه ئي ڪنهن غريب کي راشن وغيره ڏنو ويو آھي. آصف شبير خان لکيو ته اسان جي ڳوٺ نواب الدين شر تعلقي ميراوهه ۾ پاڻي بيٺل آهي، مظفر لغاري لکيو ته ٽنڊوالهيار تعلقه چمبڙ ۾ ڪابه خيما بستي ناهي ماڻهو روڊن تي ويٺل آهن، راشد شر لکيو ته فيض گنج ۾ متاثرن کي ڪجهه ناهي مليو، سڪندر علي لوهار لکيو ته ڏوڪري ۾ جعلي ٽينٽ سٽي ٺاهي وئي، ساجد چاڪراڻي لکيو ته سانگهڙ انتظاميا بهتر انتظام ڪيا آهن، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته ٺل ۾ جونگل، ميرپور ٻرڙو، مبارڪپور، باهو کوسو،دين پور، ڳڙهي حسن پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ياسين سنجراڻي لکيو ته سڪرنڊ ۾ پاڻي نيڪال ناهي ٿيو نه ئي ٽينٽ سٽي آهي، شاهد نقوي لکيو ته جهانگارا ۾ اهڙي ڪا به سهولت ناهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ڳوٺ علي آباد جاڳڻ روڊ شڪارپور يوسي مريد سيٺار جا رھواسين بي گھر ٿي مدد جا منتظر آهن. ارشد علي چانڊيو لکيو ته ڳوٺ محمد خان چانڊيو ۾ پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ نه وري اسان کي به ٽينٽ مليا آهن، گلزار گاڏهي لکيو ته ڳوٺ محمد رمضان گاڏهي ضلعو قمبر شداڪوٽ اڃا پاڻي بيٺل آھي، جوشيلو ٿهيم لکيو ته جوهي بچابند کان منڇر زيرو تائين ماڻهو بي يارو مددگار ويٺل آهن، حافظ نور محمد لکيو ته حافظ نور محمد لکيو ته اسان وٽ ڪا مدد ناهي ڪئي وئي، احمد گاڏهي لوکيو ته جوهي شهر جي ٻه لک آبادي متاثر ٿي آهي، عمر جان جت لکيو ته اسان جو ضلعو سجاول شھر قادرڏنو شاھ ۾ ٻوڏ جي متاثرين لاءِ ڪابه سھولت مھيا ناھي ڪئي وئي، صغير ڇڄڻ لکيو ته يوسي جھان خان انڙ تعلقـ ميرپورماٿيلو ضلع گھوٽڪي ۾ زيرو ڪم آهي، علي عمر ميتلو لکيو ته خيرپور جي ڳوٺن جو تمام برو حال آهي، رميز حسين جلباڻي لکيو ته اسان جي ڳوٺ احمد خان جلباڻي شھر رتوديرو ۾ ڪجهه به ناھي مليو، امان الله شر لکيو ته اسان جو ضلعو خيرپور ڳوٺ محرم شر ڪير به ڪونه آيو آھي ڳوٺ مڪمل پاڻي ۾ آھي، يوسف ابراهيم لکيو ته اسان وٽ به ٽينٽ سٽي لڳايا ويا آھن پر ڪنهن به قسم جي سھولت ناهي ڏني وئي، الياس سمون لکيو ته ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ ڪاغذن ۾ ٽينٽ سٽي لڳل آهي، ناظم جمالي لکيو ته نوابشاهه جو دوڙ شهر تباهه ٿي ويو آهي، عصمت الله حسين لکيو ته ٺل ۾ ٽينٽ سٽي حڪومت جي طرفان قائم نه آھي، اياز گل لغاري لکيو ته اسان جي شھر نصيرآباد ۾ ٽينٽ سٽي قائم ناھي ٿي، رضا محمد بلوچ لکيو ته ڳوٺ ڪريمداد لنڊ تعلقو صالح پٽ ضلعوسکر جي عوام کي ڪو به رليف نه مليو آھي فصل تباھ ٿي ويا آھن، مختيار ميمڻ لکيو ته سجاول ضلعي ۾ ڪٿي به سرڪاري رليف جو نظر نه پيو اچي، طارق باجڪاڻي لکيو ته تنگواڻي ۾ ٽينٽ سٽي ته قائم ڪيو ويو پر متاثرن بدران من پسندن کي ويهاريو ويو آهي، تاج محمد جکراڻي لکيو ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪجهه به ناهي، نارائڻ سنڌي لکيو ته عوام بکون ڪاٽي رهيو آهي، احمد علي ڪهيري لکيو ته وڳڻ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪٿي به ٽينٽ سٽي ناھي ٺاھي وئي ۽ ويڌن ته ڏسو ٻھراڙيءَ ۾ ڪائي امداد ناھي آئي، قلندر لکيو ته ننگريجا ۾ راشن ناهي ڏنو ويو، ظفر رند لکيو ته اسان جي علائقي مقصودو رند ۽ ان جي پسگردائي جي ڳوٺن م ڪٿي ٽينٽ سٽي قائم نه ٿي آھي نه ئي انتظاميه ڪا ٻوڏ متاثرن جي ڪا واهر ڪئي آھي، ذوالفقار علي کنڊ لکيو ته تعلقا ڳڙهي خيرو ضلعي جيڪب آباد جو عوام روڊن تي کليل آسمان جي ھيٺ رھڻ تي مجبور آهن، ابراهيم جکرو، علي حيدر کوسو،محمد بچل قمبراڻي، محمد ايوب چانڊيو، تيجو مل سوٽھڙ ھنسراجاڻي، صدرالدين گرگيج، بخت علي شيخ، ممتاز سولنگي، وقار عليم وساڻ، راحب علي، محمد صديق، انصار، سمي شيخ، امير بخش نوحاڻي، غلام الله شر، عنايت علي جمالي، ايم حسن سوهو، اسد ماڇي، آدم علي مهر، امجد تنيو، قمرالدين ميراڻي، غريب نواز مري، انعام الله مهيسر، جنسار جانوري، ڪنيز فاطمه راڄپر، محمد يوسف ڀٽو، سجاد علي حاجاڻو، پير  نوناري، آصف عباسي، عالم چنڊ ڪولهي، اسدالله هنڱورجو، سميع الله ڀٽي، گل حسن بلوچ، بهرام مري، ديدار علي، نماڻو نوناري، احمد بلوچ، امام الدين، وسيم سنڀل، امين عباسي، غلام رسول، عبدالشڪور خاصخيلي، لياقت لغاري، اڪبر عمراڻي، سيد احمد شاهه، اشتياق حسين بروهي، جلال خان، سردار رند، سرتاج حيدر، محرم علي، بهرام مري، جنيد جمالي، مدد علي جروار، اسد مهر، نعمت الله راهمون، منٺار علي، فضل سبزوئي، آصف راڄپر، غلام رباني ملڪ، علي احمد، سجاد علي، رجب علي راڄپر، مشتاق ميراڻي، دليپ ڪمار شرما، عبدالڪريم ڪولاچي، قاسم خان گبول، غلام محمد سومرو، صابر علي، حسين جاويد، جميل بلوچ، راجا ريحان لاشاري، عمران جمالي، مير احمد خان، دليپ، ڌرمون لال، فقير علي شير، غلام حسن بلوچ، سڪندر علي خاصخيلي، زوار اسد علي شيخ، راحب تنيو، آصف علي وسواڻو، ڪاشف خان، نديم حسين ميمڻ، ممتاز علي پهوڙ ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.