سنڌ جا جبل پرڏيهي ڪمپنين کي ڏيڻ جو اشارو: متحده نفرت جي سياست پئي ڪري: شرجيل ميمڻ

0
316
پي ٽي آءِ دهشتگرد تنظيم: بابل ڀيو جرئت جو مظاهرو ڪيو: شرجيل ميمڻ
پي ٽي آءِ دهشتگرد تنظيم: بابل ڀيو جرئت جو مظاهرو ڪيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اليڪشن ويجهو ايندي ئي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اڳواڻ نفرت جي سياست ڪندا آهن، جڏهن سندن قائد 50-50 ماڻهو ماريندو هو تڏهن اسان ڊپ جو شڪار نه ٿياسين، هاڻ هيءَ ڇا ڪندا؟

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي قيادت چاهي ٿي ته رڳو پاڪستان ترقي ڪري، اسان 75 سالن ۾ کوڙ سارا تجربا ڪري ڏٺا جن ۾ رڳو ناڪامي ئي ملي آهي

هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، خاص طور تي سنڌ ۾ گئس، تيل، ڪوئلو ۽ جبل جهڙي نعمت آهي، چاهيون ٿا ته مائننگ ذريعي پاڪستان کي ڏکئي وقت مان ڪڍي خوشحال بڻايون، ان لاءِ پرڏيهي ڪمپنين سان ڳالهيون پڻ هلندڙ آهن

شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ رڳو هڪ ئي لاڏلو آهي، اُن جو نالو عمران خان آهي، سنگين ڪيسز هُجڻ باوجود انساني حقن جي نالي تي کيس رليف ڏنو پيو وڃي

صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن هٿان مارجي ويل شهري جي واقعي جي جاچ هلندڙ آهي، ذميوار اهلڪار جيل ۾ بند آهن

هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم وارن جو ڪم ئي نفرت پکيڙڻ آهي، هيءَ ڪجهه به ڪن، عوام جنهن کي مينڊيٽ ڏيندو اُهو ئي حڪومت ڪندو

هي به پڙهندا

ڪراچي واسين کي ماني ھاڻي ٻن روپين ۾ ملندي: گورنر سنڌ