ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آئي ميمبرن جو هل هنگامو، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن ۾ جهيڙو، الرون، هڪٻئي کي گٿا لفظ ڳالهايا ويا. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي ريزيوليشن آڻڻ جو ٽائيم نه ڏيڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن پاران احتجاج ڪيو ويو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ان طريقي سان مان اوهان کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندس. اسيمبلي جا رولز آهن. اوهان کي مان ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندس. حليم عادل شيخ ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته مان توهان جي اجازت وٺي ڳالهائڻ جو پابند ناهيان. ڊپٽي اسپيڪر کيس چيو ته منهنجي اجازت کانسواءِ توهان نه ٿا ڳالهائي سگهو، توهان روڊ تي نه پر اسيمبلي ۾ آهيو. ان دوران پ پ ميمبر اٿي بيٺا. شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه چيو ته حليم عادل ڊپٽي اسپيڪر کان معافي وٺي، ان تي ايوان ۾ هل هنگامو ٿي ويو. شرجيل ميمڻ چيو ته اسپيڪر سان ڳالهائڻ جي تميز ناهي هي اسيمبلي ۾ بيٺا آهن يا روڊ تي ڌرڻي ۾ بيٺا آهن. اهو طريقو نه هلندو. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته اسپيڪر صاحبا اوهان چيو ته مونکي ڇا ڳالهائڻو آ، اهو ٻڌائڻ جو مان پابند ناهيان. ڇڇورن جي ڪري اسيمبلي جا اهي ئي حالات رهندا. ڇڇورو چوڻ تي شرجيل انعام چڙي پيو ۽ جهيڙو شروع ٿي ويو. شرجيل ۽ حليم عادل شيخ هڪٻئي تي الرون ڪيون. گٿا لفظ پڻ ڳالهايا. جهيڙي سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو