ڇنڇر جي موڪل بحال: ڪابينا جي پرڏيهه مان علاج تي پابندي: مارڪيٽن جي جلد بندش بابت ڪميٽي قائم

0
343
سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري!

اسلام آباد: حڪومت توانائي بحران تي ضابطي لاءِ بچت مهم تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي سرڪاري ملازمن کي هفتي ۾ 2 ڏينهن موڪل ملندي

وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ملڪ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ۽ اُن تي ضابطي لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو

وفاقي ڪابينا ڇنڇر جي موڪل بحال ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته توانائي بحران تي ضابطي لاءِ مارڪيٽون شام ستين وڳي بند ڪرڻ جي حوالي سان في الحال ڪوبه فيصلو ناهي ٿي سگهيو، مامري تي ويچارڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي

ڪابينا وزيرن ۽ سرڪاري ملازمن جي پيٽرول ڪوٽا ۾ 40 سڪيڙو ڪٽوتي جي منظوري به ڏني آهي

سڌ سماءَ واري وزير جي فيصلن بابت بريفنگ

ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب  ٻڌايو ته ملڪ ۾ بجلي جي گهرج ۽ کپت ۾ فرق آهي، بجلي جي گهرج 28400 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته موجود بجلي 25600 ميگاواٽ آهي، 15 جون تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ساڍن ٽن ڪلاڪن تائين اچي ويندي

مريم اورنگزيب ٻڌايو ته ورڪنگ ڊيز ۾ جمعي تي ورڪ فرام هوم جي تجويز آئي آهي، هڪ تجويز مارڪيٽون جلد بند ڪرڻ جي حوالي سان به آئي هئي، جنهن تي ويچارڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪري مشاورت ڪندي

هن ٻڌايو ته ضروري دورن کانسواءِ حڪومتي آفيسرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته حڪومتي آفيسر توڙي ڪابينا ميمبرن جي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم جي صدارت هيٺ جاري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلن جا امڪان