سجاول ۾ عدالت پاران آزاد ڪيل شهري کي ٻيهر کنڀڻ جي ڪوشش

0
61

سجاول ۾ عدالت پاران آزاد ڪيل شهري کي پوليس پاران ٻيهر کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته شهرين متاثر کي ڇڏائي ورتو

پوليس پاران جوابدار کي کنڀڻ جي ڪوشش ۽ تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

 شهرين موجب نعيم لوٺيو کي عدالت باعزت بري ڪيو، نعيم عدالت مان ٻاهر نڪري رهيو هو ته اي ايس آءِ الهه رکيو ۽ ٻين کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي

مزاحمت تي پوليس اهلڪارن نعيم کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي آهي