رڇ خريداري ڪرڻ لاءِ سپر مارڪيٽ پهچي ويو

0
232

لاس اينجلس (دلچسپ نيوز) رڇ خريداري ڪرڻ لاءِ سپر مارڪيٽ پهچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي شهرلاس اينجلس جي هڪ سپرمارڪيٽ ۾ اوچتو رڇ پهچي ويو، رڇ کي ڏسندي ئي مارڪيٽ خالي ٿي وئي جنهن سبب انتظاميا سخت پريشان ٿي وئي جڏهن ته مارڪيٽ جي عملي وڏي مشڪل سان رڇ کي ٻاهر ڪڍي ورتو. اتي موجود ماڻهن رڇ جون تصويرون ڪڍيون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون. پوليس موجب اهو ٽيون واقعو آهي جنهن ۾ رڇ ميڙاڪن واري هنڌ ڏٺو ويو آهي.