دهشتگرد پوليس آفيس اندر ڪيئن داخل ٿيا؟ جاچ شروع

0
202
دهشتگرد پوليس آفيس اندر ڪيئن داخل ٿيا؟ جاچ شروع
دهشتگرد پوليس آفيس اندر ڪيئن داخل ٿيا؟ جاچ شروع

ڪراچي: دهشتگرد ڪراچي پوليس آفيس جي اندر ڪيئن داخل ٿيا؟ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جاچ شروع ڪري ڏني
ڪور ڪمانڊر ڪراچي محمد سعيد ۽ رينجرز عملدارن واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو، جنهن دوران کين تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو
ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد عمارت جي پٺئين پاسي کان داخل ٿيا، دهشتگردن جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ وقت ٽن پوليس چوڪين تي اهلڪار مقرر ٿيل نه هئا

ڊي آءِ جي سائوٿ عرفان بلوچ چيو آهي ته چوڪين تي اهلڪار مقرر نه هئڻ واريون خبرون غلط آهن، دهشتگردن حملو ڪرڻ کان اڳ ڏيڍ مهيني تائين عمارت ۽ علائقي جي ريڪي ڪئي
دهشتگردن پاران استعمال ڪيل گاڏيءَ بابت اهم معلومات ملي آهي، حملو ڪندڙ رڳو 3 دهشتگرد ئي هئا پر سندن سهولتڪارن جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سي ٽي ڊي ان حوالي سان ڪارروائيون شروع ڪيون آهن

هن کي به پڙهندا

ڪراچي پوليس آفيس ۾ شهيد ٿيل رينجرز جي  سب انسپيڪٽر جو مڙهه پنجاب روانو

ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪندڙ ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي