خيرپور (رپورٽر) 2 مهينا اڳ صالح پٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماهي خان شنباڻي ۾ پراسرار نموني قتل ٿي ويل عاشق حسين شنباڻي جي ماءُ مسمات موران خاتون جي فرياد تي مئجسٽريٽ خيرپور جي سربراهي ۾ سکر، لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر جي موجودگيءَ ۾ درگاهه شادي شهيد قبرستان ۾ مقتول جي لاش جي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا، ٻئي پاسي مقتول عاشق حسين شنباڻي جي ڪيس ۾ فريادي محمد نواز شنباڻي صحافين کي ٻڌايو ته 3 جوابدارن منهنجي ڀائٽي کي گهٽا ڏئي بيگناهه قتل ڪيو هو، هن ٻڌايو ته قاتل به اسان جي برادريءَ جا ئي آهن، عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا آهن، اسان کي اميد آهي ته رپورٽ پڌري ٿيڻ کان پوءِ قاتل پڌرا ٿي پوندا.