خيرپور ۾ ٽرين تان ڪري پيل مسافر کي بچائيندڙ ڪانسٽيبل  مٿان انعامن جي برسات!!

0
635

سکر: خيرپور ۾ ٽرين تان ڪري پيل مسافر کي بچائيندڙ ڪانسٽيبل کي اعزاز سان نوازڻ جو اعلان، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جميل ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعزاز سان نوازڻ جو فيصلو ڪيو اٿئون، ڪانسٽيبل انساني حياتي بچائي پنهنجي ڊيوٽي سان سچائي جو مظاهرو ڪيو هو،

وزيراعظم کان پوءِ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر به ڪانسٽيبل جميل ڪلهوڙو کي شاباس ڏني، سنڌ پوليس طرفان ڪانسٽيبل کي تعريفي سنَد ۽ نقد انعام ڏيڻ جو فيصلو، ايڊيشنل آءِ جي سکر ڪامران فضل چيو آهي ته سنڌ پوليس کي ڪانسٽيبل جميل ڪلهوڙو تي فخر آهي، کيس تعريفي سند ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي خط لکي ڇڏيو.

خيرپور جي شهرين پاران پوليس اهلڪار جميل ڪلهوڙو لاءِ انعامن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.