اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ايندڙ واري پ پ جي حڪومت ۾ اچڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، احتساب عدالت ۾ پيشيءَ دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي آصف زرداري چيو ته مون کي خبر ناهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرريءَ ۾ فيصلو تبديل ٿيندو يا برقرار رهندو، الله خير ڪندو، اڳوڻي صدر آصف زرداري نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت سوال تي ٽهڪڙن ۾ جواب ڏنو،هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت اسان جو موقف آهي ته موجوده حڪومت نااهل آهي، آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وقت به 5 مسودا تيار ٿيا هئا، عمران خان ڇا صورتحال سنڀاليندو، پنهنجا سياستدان به مشڪل سان سنڀالي ويٺو آهي، ايندڙ وارو پيپلز پارٽي جو هوندو، احتساب بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته ملڪي معيشت وڌيڪ هيٺ اچڻ تائين احتساب جو سلسلو جاري رهندو.