حڪومت جو توشه خانه ڪيس جي ٻڌندڙ ڪندڙ جج جو گهر تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو

0
204
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج خلاف حڪومت انوکو قدم کنيو آهي, خيبرپختونخواهه حڪومت جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي سوات واري گهر کي ايڪوائر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي, جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي تاريخي رهائشگاهه کي عجائب گهر ۾ تبديل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن

خيبرپختونخواهه جي ميوزيم ڊپارٽمينٽ گهر ايڪوائر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪندي ڊپٽي ڪمشنر لينڊ ايڪوزيشن ڪليڪٽر سوات کي خط به لکيو آهي, خط ۾ چيو ويو آهي ته جنهن گهر ۾ جج رهي ٿو اها تاريخي عمارت آهي، جنهن کي آئينده نسل لاءِ بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري سمجهون ٿا

واضح رهي ته پاڪستان انفارميشن ڪميشن وزيراعظم عمران خان  کي ملندڙ تحفن جي ڄاڻ عام شهرين کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، حڪومت پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي آرڊر خلاف هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي