حيدرآباد (بيورو رپورٽ) فقير جي پڙ واري علائقي ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل نينگري جي موت واري معاملي نئون  رخ اختيار ڪيو، نينگري تي جسماني تشدد جي تصديق، ماٽيلي ماءُ پاران تشدد جو انڪشاف، پوليس نينگري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي ورتو، ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو، نينگري جي مامي پاران ماٽيلي ماءُ کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي گهر، رپورٽ مطابق حيدرآباد جي فقير جي پڙ واري علائقي ۾ پراسرار نموني زخمي ٿي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد فوت ٿي ويل 5 سالن جي نينگري انابيا جي موت نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. نينگري جي جسم تي نون ۽ پراڻن زخمن جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ پوليس نينگري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي ڊي اين اي لاءِ جزا حاصل ڪري ورتا آهن، جيڪي ٽيسٽ لاءِ لاڳاپيل ليبارٽري کي موڪليا ويندا، 3 ڏينهن اڳ فقير جي پڙ جي دهي واري گهٽي ۾ رهندڙ 5 سالن جي انابيا ڌيءُ نفيس آرائين پراسرار نموني زخمي ٿيڻ بعد بيهوش ٿي وئي هئي، بيهوشي بعد نينگري کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي ڊاڪٽرن پوليس جي ميڊيڪل ليٽر کانسواءِ نينگري کي داخل ڪرڻ ۽ ان جا زخم جاچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. بعد ۾ نينگري جو پيءُ نفيس آرائين سٽي ٿاڻي پهتو ۽ ميڊيڪل جو ليٽر وٺي نينگري کي اسپتال ۾ داخل ڪيو. معصوم نينگري ٻن ڏينهن تائين لاڳيتو بيهوشي جي حالت ۾ آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل رهي جتي گذريل رات دير سان هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ابتدائي طور اهي چئوٻول هئا ته نينگري جنسي زيادتي سان گڏ جسماني تشدد جو نشانو بڻي آهي پر ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرن نينگري سان جنسي زيادتي جي تصديق نه ڪئي هئي. اهڙن چئوٻولن بعد پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ان جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ۽ بعد ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگري جي مڙهه کي ٽنڊو يوسف جي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي. ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرن نينگري جي جسم تي پراڻن ۽ نون زخمن جي تصديق ڪئي آهي جنهن کانپوءِ پوليس نينگري جي پيءُ نفيس آرائين ۽ ماٽيلي ماءُ افشان جا بيان به قلمبند ڪيا. ٻڌايو پيو وڃي ته نينگري انابيا جو پيءُ درزڪو ڪم ڪندو آهي. کيس سندس زال ٻڌايو ته انابيا ڪجهه دير لاءِ گهر مان غائب ٿي وئي هئي ۽ بعد ۾ هو واپس آئي ته سندس طبعيت خراب هئي. ٻئي ڏينهن نينگري جي طبعيت اوچتو وڌيڪ خراب ٿي پئي هئي ۽ بيهوشي بعد ماٽيلي ماءُ مڙس کي گهرائي نينگري جي طبعيت بابت ڄاڻ ڏني جنهن کانپوءِ نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. فوت ٿي ويل نينگري جي مامي مطابق نفيس آرائين جي ٻي زال سندن ڀاڻيجن تي تشدد ڪندي رهندي آهي ۽ هڪ سال اڳ هن تشدد ڪري ڀاڻيجي سبحان جي ٽنگ ڀڃي ڇڏي هئي. نينگري جي مامي مطالبو ڪيو آهي ته نفيس آرائين جي زال کي جاچ ۾ شامل ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن نينگري سان جنسي زيادتي جي تصديق نه ڪئي. رابطو ڪرڻ تي سٽي سب ڊويزن جي ڊي ايس پي غلام شبير سرڪي ٻڌايو ته نينگري جي موت واري معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ميڊيڪو ليگل شعبي پاران ڊي اين اي لاءِ جيڪي نمونا ڪڍيا ويا آهن اهي ليبارٽري موڪليا ويندا. هن تصديق ڪئي ته ڊاڪٽرن مطابق نينگري جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن پر ڊاڪٽرن اها تصديق نه ڪئي آهي ته ڪو نينگري سان جنسي زيادتي ٿي آهي. هن چيو ته جيئن ئي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ٿيندي تيئن ئي معاملي جي جاچ اڳتي وڌائي ويندي.