حيدرآباد: پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو

0
151

حيدرآباد جي يو سي 28 جي وارڊ هڪ تي ٻيهر پولنگ دوران پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي پارٽي جي ڪارڪنن هڪ ٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو

ڪارڪنن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا، پوليس جي وڏي نفري گهرائي صورتحال تي ضابطو آندو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پيپلزپارٽيءَ تي ڌانڌليون ڪرائڻ جا الزام هنيا آهن

ڄامشورو ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 2 ۾ ليڊيز پولنگ اسٽيشن تي عورتن ۾ جهيڙو ٿي پيو، پيپلزپارٽي ۽ ڄامشورو اتحاد جي حامي عورتن جون هڪ ٻئي تي اُلرون ڪنيون

ڄامشورو پوليس جا اهلڪار عورتن کي جهيڙو نه ڪرڻ لا منٿون ڪندي نظر آيا