حيدرآباد: ناليواري ليکڪا، ڪالم نگار ۽ اسڪالر انيتا شاهه لاڏاڻو ڪري وئي

0
186

حيدرآباد (رپورٽ:فيض کوسو) سنڌ جي ناليواري ليکڪا، ڪالم نگار ۽ اسڪالر انيتاھ لاڏاڻو ڪري وئي، انيتا شاھ ڳچ عرصي کان عليل هئي، هن 50 سالن جي عمر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو

هوءَ 15 نومبر 1974ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي،  سندس وڏا اصل خدا آباد ضلعي دادوءَ جا آهن، انيتا شاھ ايم بي اي ۽ ايم اي سوشيالاجي جي تعليم حاصل ڪئي

 هن انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ ۽ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ ڪاليج پارڪ، آمريڪا مان هيوبرٽ همفيري فيلوشپ تحت عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن، ڪهاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس ڪيا

سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (انگلنڊ) طرفن مختلف موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪئي، هن غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتلام بابت مونوگراف به لکيا

هن لکڻ جي شروعات 1994ع کان ڪالمن ذريعي ڪئي، سندس لکڻين جا موضوع خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻي عورت جي حوالي سان سماجي ۽ معاشي ترقيءَ بابت هئا

  هن سنڌيءَ ۾ 100 کن ڪالم لکيا ،  انيتا شاهه 1997ع کان1999ع تائين بي.بي.سي انگلش لئنگئيج سينٽر حيدرآباد ۾ لئنگئيج ٽيچر طور پڙهايو،  1998ع ۾ ايم.بي.اي ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ انسٽرڪٽر به رهي

  هو انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس حيدرآباد ۾ به انسٽرڪٽر رهي،  هن مختلف پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ فيلوشپ حاصل ڪئي،  انيتا شاھ وائيس آف آمريڪا جي پروگرام”بيانڊ دي هيڊلائينز“ جي رپورٽر ۽پروڊيوسر به رهي

 ڪمپيئر جي هن مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ٽاڪ شو ڪيا، هوءَ عورتن جي حقن لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيندي رهي،  سرڪاري نوڪريءَ دوران ثقافت کاتي ۾ سيڪشن آفيسر رهي، ڪجهه عرصي تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري به رهي

 هُن ڪيئر نالي سان هڪ غير سرڪاري سماجي تنظيم جو بنياد وڌو، سندس تنظيم، يو. اين. ڊي. پي جي ننڍي گرانٽ واري پروگرام سان گڏجي، مٽياريءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ هلايو

 عورتن جي مسئلن بابت ڀرپور نموني سان لکڻ تي کيس خيرالنساءَ جعفري ادبي ايوارڊ ۽ خان محمد پنهور ايوارڊ مليا هو هن سنڌ گورنمينٽ ۾ ڊي. ڊي. او روينيو طور خدمتون انجام ڏنيون، انيتا شاھ ڪجھ وقت کان دماغي مرض ۾ مبتلا هئي، سندس تدفين حيدرآباد ۾ ٿيندي