حيدرآباد: حددخلين خلاف آپريشن، ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ

0
182
حيدرآباد: حددخلين خلاف

حيدرآباد (ن پ ا) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد جي اماني شاهه ڪالوني ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا

انتظاميا پاران آپريشن شروع ڪرڻ بعد عورتن جو وڏو انگ گهرن کان ٻاهر نڪري آيو، جنهن ڪري پوليس پاران ليڊيز اهلڪارن ۽ اضافي نفري کي طلب ڪيو ويو

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سالن کان گهر ٺاهي ويٺل آهيون، صنعتون توڙي اسٽامپ پيپر به موجود آهن پر انتظاميا قبضو ڄاڻائي گهر پئي ڊاهي

اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تحت غيرقانوني حددخلين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڄاڻايل گهر غيرقانوني سرڪاري ايراضي ۾ تعمير ڪيا ويا آهن جيڪي ڊاهي پٽ ڪيا ويندا