دادو جي عدالت پاران عصمت جي والد خالد جميل کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم

0
177
دادو جي عدالت پاران عصمت

دادو (ن پ ا)  فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت سيتا روڊ جي ميڊيڪل جي شاگردياڻي عصمت طور جي والد خالد جميل جي درخواست تي کيس تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت جاري ڪيل آڊر ۾ ڄاڻايو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي جاچ ۾ خالد جميل يا سندس خاندان جي فرد کي انڪوائري يا جاچ ۾ گهرايو وڃي ته ان تي هي آرڊر اثر انداز نه ٿيندو

عدالت چيو ته جيڪڏهن خالد جميل کان پوليس جاچ يا انڪوائري ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿي خالد جميل کي جوابدار شمن سولنگي جي برادري جي ماڻهن مان خطرو آهي ان ڪري کيس تحفظ ڏنو وڃي

ھي به پڙھندا

عصمت واقعو: دادو جي عدالت مک جوابدار جي امڙ جي درخواست رد ڪري ڇڏي