حيدرآباد: بغاوت واري ڪيس مان 6 ڄڻا ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري

0
138
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سينٽرل جيل ۾ قائم دهشتگردي جي انت واري عدالت بغاوت واري ڪيس مان 6 ڄڻن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو، عدالت جوابدار نثار پنهور، لطيف کوسو، ياسر شاهه، رياض کوسو، اشفاق خاصخيلي ۽ غلام علي عمراڻي کي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد بري ڪيو، ڇڇر ايٽ سن پوليس 22 جنوري 2021ع تي 6 ڄڻن خلاف ملڪ خلاف نعريبازي ۽ شهرين کي بغاوت لاءِ اڪسائڻ تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس جو متن ۾ چيو ويو هو ته 17 جنوري تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تقريب دوران نثار احمد پنهور پنهنجي ساٿين سان گڏجي ملڪي سلامتي خلاف ڳالهايو ۽ نفرت جو اظهار ڪندي ملڪ خلاف نفرت انگيز تقرير ڪئي، : وڪيل چيو ته ڪيس ۾ پوليس رڳو هڪ جوابدار نثار پنهور کي نامزد ڪيو هو جڏهن ته 7 ڄڻا اڻڄاتل ڄاڻايل هئا.