جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) جيڪب آباد ۾ ٿاڻي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان گهر جي ڇت تي بجلي ٺاهيندي نوجوان فائرنگ ۾ قتل، جوابدار فرار، وارثن جو اسپتال عملي ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي خلاف احتجاج، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب سول لائين ٿاڻي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان اڻ ڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري گهر جي ڇت مٿان بجلي جي تار ٺاهيندڙ نوجوان اسلم بروهي کي زخمي ڪري ڇڏيو، نوجوان کي وارث سول اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه هئا، زخمي نوجوان اڌ ڪلاڪ تائين اسپتال ۾ تڙپندو رهيو پر کيس بروقت طبي امداد نه ملي نه سگهي ۽ هو زخمن جا سور نه سهندي تڙپي تڙپي دم ڏنو، اسپتال ۾ موجود مقتول جي چاچي خير محمد بروهي ۽ ٻين اسپتال عملي خلاف احتجاج ڪندي دانھيو ته نوجوان کي سڱاوتي تڪرار تان مائٽن گولي هنئي، جنهن کي زخمي حالت ۾ کڻائي سول اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه هئا، جنهن سبب نوجوان اسپتال ۾ تڙپي تڙپي دم ڏنو، هنن مطالبو ڪيو ته ڊيوٽي چور ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته 3 مهينا اڳ بلوچستان مان جوابدار ڌر جي ناري گهران نڪري وئي هئي، جنهن جو الزام مقتول ڌر تي لڳايو ويو هو، جنهن تان قتل واقعو پيش آيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.