جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد عدالت ۾ شھرين کي مٺي پاڻي جي فراهمي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي، ايم ايس ڊي پي، ميونسپل ۽ سيپڪو عملدار پيش، عدالت سيپڪو ۽ ايم ايس ڊي پي جي عملدارن کان قسم نامو وٺي ڇڏيو. خبر موجب جيڪب آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز لاکير جي عدالت ۾ شھرين پاران مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايم ايس ڊي پي پاران طفيل احمد سومرو سيپڪو پاران ايڪسيئين صابر بگٽي، ايس ڊي او ذوالفقار ڪلھوڙو، شھرين جي وڪيل جي ايم سومرو ۽ ٻيا پيش ٿيا، شھرين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايم ايس ڊي پي، ميونسپل ۽ سيپڪو جي عملدارن پاران جيڪي واعدا ڪيا ويا ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو، پاڻي فراهمي منصوبو 2017 ۾ مڪمل ٿيڻو ھو پر اڃا تائين اڻپورو آهي، شھرين کي روزاني جي بنياد تي پاڻي فراهم نه ڪيو پيو وڃي، سيپڪو عملدار واٽر سپلاءِ فيڊر تي ھٿ سان بجلي چوري ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته جنريٽر ھئڻ باوجود به شھري پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪي رهيا آهن، هن چيو ته فلٽر پلانٽ مان ٽينڪر مافيا کي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، عدالت آڏو ميونسپل عملدارن چيو ته سيپڪو عملدارن پاران 10 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي وڃي ۽ ايم ايس ڊي پي پاران اڌ ۾ ڇڏيل پائيپ وڇائڻ وارو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ته شھرين کي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، سيپڪو ايڪسيئين عدالت کي ٻڌايو ته بجلي جو ميٽر فيڊر تي لڳايو وڃي، جنهن بعد 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي ويندي، عدالت ايڪسيئين کي اھڙو قسم نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد ايڪسيئين پاران قسم نامو جمع ڪرايو ويو، جڏهن ته ايم ايس ڊي پي عملدارن کان عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوھان رھيل ڪم ڪڏهن مڪمل ڪندا؟ جنهن تي عملدارن ھڪ مھيني ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، عدالت ايم ايس ڊي پي عملدارن کان به مھيني اندر ڪم مڪمل ڪرڻ جو قسم نامو عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ پابند بڻايو ته اڳين ٻڌڻي تي ٺيڪيدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن بعد عدالت آرڊر پاس ڪندي چيو ته ادارن جي ذميوارن پاران قسم نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، ان تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. بعد ۾ جج ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.