ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) جناح اسپتال ۾ 100نون ڊاڪٽرن جي مقررين تان ينگ ڊاڪٽرز ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا، ايڊمن بلاڪ ۾ جھيڙو، هڪ ٻئي تي الرون: ڊائريڪٽر آفيس اڳيان مظاهرو، ڊاڪٽرن جي جھيڙي سبب مريض رلي ويا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 100ڊاڪٽرن جي مقررين واري معاملي تي ينگ ڊاڪٽرز ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويا آهن، ڊاڪٽرن جو ڪالهه ڊائريڪٽر آفيس اڳيان جھيڙو به ٿيو، جنهن دوران ڊاڪٽرن پاران هڪ ٻئي تي الرون ڪيون ويون، جنهن بعد پوليس ۽ رينجرز پهچي وئي. ڊاڪٽرن جي جھيڙي سبب اسپتال ۾ داخل مريض توڙي سندن وارث سخت پريشانن ٿي ويا. ان حوالي سان ڊاڪٽر محبوب نوناري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اسان لاڳيتو احتجاج ڪيو، هاڻ مقرريون ٿيڻ تي ڪجهه ڊاڪٽر اهڙين مقررين جي خلاف ٿي ويا آهن، هوڏانهن ڊاڪٽر ڪليم کوسو جو چوڻ آهي ته انتظاميا پاران 100 من پسند ڊاڪٽرن جون مقرريون ڪيون آهن، هن چيو ته اسان ڊائريڪٽر آفيس اڳيان پرامن احتجاج ڪري رهيا هئاسين، اسان تي مخالف ڊاڪٽرن حملو ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته تازو ڪيل مقرريون رد ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.