….. ته بس پوءِ ڳالهه ئي ختم!!

0
193
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

عارضي اختيارن جي هريڙ ڇا هٿ اچي وئي، نگران منتظمين پاڻ کي پنساري سمجهڻ لڳا آهن! اهي ڪنهن کي ليکي ۾ ئي نٿا آڻين. حد ته اها آهي جو اهي عدالتي فيصلي جي اورانگهه ڪرڻ تي سندرا ٻڌي بيٺل آهن. توڙي جو اهي ڪارونجهر جي حوالي سان سنڌ جي مزاحمت جا منظر به ڏسي چڪا آهن پر پوءِ به عدالتي فيصلو نه مڃڻ واري انهن جي انڪار جي “نه” کي نَوَ ڪوٽ آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کانپوءِ به اهي مها ڏونگر ڪارونجهر جي ڀڃ- ڀور ڪري اتان گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ بضد آهن ۽ ڪارونجهر ۾ “گرينائيٽ سٽي” قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي نگران ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي، جنهن جو اجلاس 31 آڪٽوبر تي سنڌ جي نگران وڏي وزير طرفان گهرايو ويو آهي. ڪابينا جي منظوريءَ کانپوءِ ڊي جي مائينز جي سربراهي ۾ ڇهه رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي. سنڌ جي قانون ۽ انصاف واري نگران وزير عمر سومري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪارونجهر جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گمراهه ڪيو ويو آهي. عدالت کان اها چٽائي ڪرائينداسين ته ڪارونجهر جو سمورو علائقو ثقافتي ورثو نه آهي. جيڪڏهن سڄي ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قائم قرار ڏنو وڃي ته پوءِ معدني وسيلا ڪيئن استعمال ٿي سگهندا؟

ڪارونجهر قابض ۽ غاصب قوتن خلاف سنڌ جي سنڌ جي تاريخي مزاحمت جو شاهد آهي. روپلي جي ويڙهاند جو گواهه به ڪارونجهر ئي آهي. سامراج خلاف سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ ڪارونجهر جي هڪ هڪ پٿر ۾ ساهه کڻي ٿي. ڪارونجهر فطرت جي سونهن جو اوپن ميوزيم آهي. ڪارونجهر جي اهميت گهڻ رخي آهي. هي صرف جبل ئي نه آهي، جنهن جي پهڻن کي پرزا ڪري، ان جي سرير مان گرينائيٽ ڪڍيو وڃي! ڪارونجهر جتي فطري سونهن جو مظهر آهي، اتي ان جو ماحولياتي تحفظ ۾ به ڪردار آهي. مقدس اسٿان به آهن ته، سياحتي ماڳ پڻ آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر بابت پنهنجي تاريخي فيصلي ۾ قرار ڏيئي چڪي آھي ته ڪارونجھر ماڳ کوٽائي لاءِ ناهي. ڪارونجھر مائنز اينڊ منرل ڊپارٽمينٽ جي دائري اختيار ۾ نه ٿو اچي، ڇو ته اهو محفوظ ورثو آهي ۽ ڪنھن به قسم جي کوٽائي لاءِ سائيٽ جي طور تي دستياب ناهي. ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت لاءِ بھتر ماحول کي ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ ۽ انهن سڀني جانورن، پکين، نسلن لاءِ، جن جي پناهه گاهه/رهائش ڪارونجهر جبل آهي، پر ان جي باوجود نگران حڪمران سنڌ جي ان جبل کي هر حال ۾ ليز تي ڏيڻ، ان کي ڀڃڻ ڀورڻ جي هوڏ تي قائم آهن. جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ اهو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي ته، ڪارونجھر مائنز اينڊ منرل ڊپارٽمينٽ جي دائري اختيار ۾ نه ٿو اچي ته پوءِ بس ڳالهه ئي ختم!

نگران حڪومت جو ڪم چونڊن بعد اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪري هليو وڃڻ آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهي اختيارن جي اورانگهه ڪري اهي ڪم ڪرڻ ٿا چاهين، جن جو کين مينڊيٽ ئي حاصل نه آهي. اهي چون ٿا ته سڄو ڪارونجهر ثقافتي ورثو نه آهي. کانئن اهو سوال پڇي سگهجي ٿو ته، جڏهن گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ ڀڃ- ڀور ٿيندي، بلاسٽنگ ٿيندي ته ڇا ان سان ان جبل جو فطري ماحول متاثر نه ٿيندو؟ ناياب جانور ۽ پکي پکڻ متاثر نه ٿيندا؟ قانون جي نگران وزير عمر سومري کي آخر اها ڳالهه ڇو سمجهه ۾ نٿي اچي ته حقيقي دولت معدني دولت نه پر ثقافتي ورثو ئي آهي. تاريخ ئي حقيقي دولت آهي. قانون واري نگران وزير کي اهو سمجهڻ گهرجي ته پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ قومن جا قانون مختلف هوندا آهن. ڪارونجهر ڪو محض پٿرن جو ڍڳ نه آهي. ان ۾ هڪ وڏو جهان ساهه کڻي ٿو. اتي جين ڌرم جي مندرن سميت قديم تيرٿ ۽ اسٿان آهن. ڪارونجهر ٿر جي ماحوليات جو محافظ آهي. ڪارونجهر نيون ۽ نديون وهائي برساتي پاڻي ٿر جي جهول ۾ وجهي ٿو. ڪارونجهر ناياب قسم جي پکين ۽ جانورن جو مسڪن به آهي. ڪارونجهر قيمتي جڙي ٻوٽين جي حصول جو ذريعو به آهي. وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو گذر هن جبل سان سلهاڙيل آهي. صرف اهو ئي نه، ڪارونجهر هڪ تمام اهم سياحتي ماڳ پڻ آهي. ان ڪري نگران حڪمرانن کي ان هوڏ تان لهي عدالتي فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي مهم جوئي هاڃيڪار ثابت ٿيندي.