بوسٽن (دلچسپ نيوز) بلو رنگ جي روشني مضبوط بيڪٽيريا خلاف نئون هٿيار بڻجي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي ماهرن چيو آهي ته روشني وجهڻ جي عمل فوٽولائيسس ذريعي مضبوط بيڪٽيريا کي ايترو ڪمزور ڪري سگھجي ٿو جو ان کان پوءِ اهو اينٽي باڊي ۽ دوا سان ختم ٿي سگھي ٿو.واضح رهي ته ميٿي سائلن رزسٽنٽ اسٽيفائلوڪوڪس آريئس نالي جراثيم دوا سان مزاحمت پيدا ڪندڙ سڀ کان مشهور بيڪٽيريا آهي جنهن جو انفيڪشن سڄي دنيا ۾ هڪ مثال آهي ۽ مريضن موت جو سڀ کان وڏو سبب به آهي.بوسٽن يونيورسٽي ۾ بايوميڊيڪل انجينيئرنگ اينڊ اليڪٽريڪل انجينيئرنگ سان سلهاڙيل پروفيسر جاءِ زن جو چوڻ آهي ته اسان جي ان نئين طريقي ۾ طبعي طور تي ايم آر ايس اي کي ڪمزور ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو مضبوط ٻاهريون خول ڀڄي ڪمزور ٿي ويندو آهي.پروفيسر جاءِ زن 2017ع کان ان تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ن حادثاتي طور تي اهو عمل دريافت ڪيو آهي. ايس آريئس ۾ هڪ سونهري رنگ جهڙو عنصر موجود هوندو آهي جنهن کي اسٽيفائلوزينٿن (ايس ٽي ايڪس) چيو ويندو آهي. ماهرن موجب نيري رنگ جي روشني سان اهو سخت متاثر ٿيندو آهي.پر ان عمل ۾ هڪ ٻي ڳالهه اها ٿي جو ايم آر ايس اي جو سمورو مجموعو يا ڪالوني به تباهه ٿي وئي. جنهن مان خبر پئي ته جيڪڏهن ايس ٽي ايڪس کي تباهه ڪيو وڃي ته بيڪٽيريا به مري وڃي ٿو. ماهرن نوٽ ڪيو ته نيري رنگ جي روشني سان ايم آر ايس اي جا 90 سيڪڙو جيوگھرڙا تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن. ۽ بچيل 10 سيڪڙو بيڪٽيريا کي دوا سان ختم ڪري سگجي ٿو.ٻين مرحلي ۾ ماهرن هڪ ڪوئي جي جلد کي ايم آر ايس اي سان متاثر ڪيو. رڳو ڏهن منٽ تائين ان تي روشني وڌي وئي
۽ ان کان پوءِ هڪ مشهور اينٽي بايوٽڪ ڊيپٽومائيسن ڏني وئي جنهن سان بيڪٽيريا جو 95 سيڪڙو انگ ختم ٿي ويو. ان مان اهو ثابت ٿيو ته نيري رنگ جي روشني گھڻي اثرائتي انداز ۾ دوائن سان نه ختم ٿيندڙ بيڪٽيريا کي به ختم ڪري ڇڏيو.