بلوچستان جي بجيٽ ڪنهن ٺاهي؟ وڏي وزير جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

0
254

ڪوئيٽا: بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ، ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن جي احتجاج تي تبصرو ڪندي بجيٽ جي تفصيل بابت لاعلمي جو اظهار ڪيو ته سوشل ميڊيا تي ممڻ مچي ويو. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو هو ته، ”جيڪڏهن ٽيبل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪنهن کي بجيٽ تي اعتراض هو ته اهو سمجهه ۾ نه اچڻ جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ، ” اسان جي ڪابينا به بجيٽ نه ڏٺو هو، 18 تاريخ تي اسان جي ڪابينا ٽين وڳي بجيٽ ڏٺي. ڇئين، پنجين وڳي اسان بجيٽ کي اسيمبلي ۾ کڻي آياسين.” اپوزيشن جي احتجاج جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو هو ، ”جيڪڏهن ڪو چوي ته بجيٽ غلط هو ، ته آئون هڪ سوال پڇان ٿو ته جيڪڏهن حڪومت کي بجيٽ جي خبر نه هئي، ڪابينا کي بجيٽ جي خبر نه هئي، ميمبرن (ڪابينا) کي پتو نه هو ته اپوزيشن کي ڪيئن خبر پئجي وئي ته بجيٽ ۾ ڇا آهي؟ انهي ڪري سندس اعتراض غلط هو. بلوڇستان جي وڏي وزير جي اها ڪلپ وڊيو جي صورت ۾ سوشل ميڊيا تي آئي ته ڪنهن ان کي ”شاڪنگ“ سڏيو ته ڪنهن مختلف تبصرا ڪندي چيو ته جيڪڏهن بلوچستان حڪومت کي ئي خبر نه هئي ته پوءِ اها بجيٽ ٺاهي ڪنهن هئي؟؟