اسلام آباد: مريم نواز جي بيان تي ردعمل ڏيندي مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته بشير ميمڻ بيان ڏئي نئين نوڪري چاهي ٿو، مريم نواز ناڪامين سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي، ساڻس گڏ پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز شريف ڪائونسلر به نه ٿي بڻجي سگهي، پر خواب وزيراعظم هائوس جا ڏسي رهي آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم ڇڙ وڇڙ ٿي چڪي آهي، جڏهن انهن جا سمورا حربا ناڪام ٿيا ته هاڻي انهن بشير ميمڻ کي اڳيان آندو آهي. ان موقعي تي ڪنول شوزب چيو ته ڪنهن ڪاموري جي ڳالهين جي اهميت آهي ته اڳوڻي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جي ڳالهين کي ٻڌو وڃي ته ڪهڙي ريت ڀارتين کي ويزائون ڏنيون وڃن؟ عدليا کي عبدالباسط جي بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.