بزنس مين جي گهر جي ڀتين مان ڪروڙين رپيا هٿ

0
380
بزنس مين جي گهر جي ڀتين مان ڪروڙين رپيا هٿ
بزنس مين جي گهر جي ڀتين مان ڪروڙين رپيا هٿ

نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت جي جي ايس ٽي کاتي جي ٽيم هڪ بزنس مين جي گهر تي ڇاپو هڻي گهر جي ڀت مان 3 ڪروڙ رپيا روڪ رقم هٿ ڪري ورتي

ڀارتي ميڊيا موجب هريانا جي فريد آباد ۾ جي ايس ٽي کاتي جي ٽيم هڪ بزنس مين جي گهر تي ڇاپو هنيو، ان دوران گهر مان 3 ڪروڙ رپيا روڪ رقم هٿ آئي، اهو پئسو ڀتين ۾ لڪايو ويو هو

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فريد آباد جي سيڪٽر 9 ۾ جي ايس ٽي ٽيم کي بزنس مين جي گهر جي ڀت ۾ پئسو لڪيل هجڻ جو اطلاع مليو، ٽيم بزنس مين جي گهر پهچي ڪارروائي ڪئي

ميڊيا موجب ٽيم گهر تي ڇاپو هڻي ڀت ڀَڳي ته ان مان ايترا نوٽ نڪتا جو ڳڻڻ لاءِ مشينون گهرائڻيون پئجي ويون، اها رقم انڪم ٽيڪس جي ٽيم حوالي ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بزنس مين وٽ 6 فيڪٽريون آهن، ان باوجود انڪم ٽيڪس رٽرن فائل نه ڪندي ٽيڪس جي چوري ڪري رهيو هو

هي به پڙهندا

مالڪڻ جي موبائل استعمال ڪندڙ ڀولڙي جي وڊيو وائرل