اڄ رات 8 وڳي تائين بجليءَ بحال ٿي ويندي: خرم دستگير

0
196

اسلام آباد: توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته اڄ رات 8 وڳي تائين سموري ملڪ ۾ بجليءَ جي فراهمي بحال ٿي ويندي، سيپڪو کي جزوي طور بحال ڪيو ويو آهي، ڪراچي جا بجلي گهر ري اسٽارٽ ڪرڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳي ويندا

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران خرم دستگير چيو ته ٽرانسميشن لائينز ۾ پيدا ٿيل فني خرابي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

هن ٻڌايو ته چئن ڏينهن اندر رپورٽ اچي ويندي، رپورٽ مان خبر پوندي ته فني خرابي ٿي آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي، ملتان ۽ فيصل آباد ريجن جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي

هن چيو ته حيدرآباد ريجن جي بجلي بحال ڪرڻ ۾ به ڪجهه ڪلاڪ لڳي ويندا

ھي به پڙھندا

گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ فني خرابي سبب سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون