ايشيا جي پهرين ڊاڪ ٽڪلي سنڌ مان جاري ٿي!

0
42
ايشيا جي پهرين ڊاڪ ٽڪلي سنڌ مان جاري ٿي!

انٽرنيٽ جي دنيا ڪيترائي ڪوڙ به ظاهر ڪري ٿي ۽ ڪيترا سچ به سامهون آڻي ٿي. جيتوڻيڪ غلط ڄاڻ به ڦهلائي ٿي پر ان کي ٿوري محنت سان انٽرنيٽ وسيلي ئي درست به ڪري سگهجي ٿو. مون ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ کوجنا ٿي ڪئي ته سنڌ جي حوالي سان هڪ حيرت انگيز ڳالهه سامهون آئي ته ايشيا جو ڊاڪ وارو سڀ کان پهريون نئون نظام سنڌ مان ئي شروع ٿيو هو ۽ ٽڪلي به سنڌ مان جاري ٿي هئي. مون مختلف ويب سائيٽس ڏٺيون، ويريفڪيشن ٽول به ڪتب آندا ته ڪٿي اهو هروڀرو جو وڌاءُ ته ناهي ٿيل. انهن جاچڻ وارن ٽولس ٻڌايو ته اها ڳالهه نه رڳو سئو سيڪڙو درست آهي پر نج به آهي ۽ آخر ۾ وڃي انڊين پوسٽيج جي آفيشل ويب سائيٽ واري بنيادي سورس يا حوالي تي پهتس، جنهن ۾ لکيل آهي: “1852ع ۾ هندستان دنيا جو ڏهون ۽ ايشيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو، جنهن پنهنجي ڊاڪ جي ٽڪلي جاري ڪئي. جيتوڻيڪ اها ڪلڪتي مان جاري ٿي پر اصل ۾ اها هڪ ڏورانهين پاسي کان آئي آهي، جنهن کي سنڌ چئبو آهي.” اها ٽڪلي عالمي طور تي 1852ع ۾ جاري ٿي پر سنڌ ۾ ٽڪلي جي شروعات 1850ع ۾ ٿي هئي. ان ئي ويب سائيٽ جي تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي ته: “جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني 1758ع ۾ پهريون ڀيرو ٺٺي پهتي ته انهن جون سنڌ جي حڪمران اميرن سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون.” ان لکت ۾ ڄاڻايل آهي ته برطانيا جي ڪابل ۾ موجود پوليٽڪل ايجنٽ اليگزنڊر برنس ۽ لارڊ ايلنبرو جو خيال هو ته افغانين کي چٿ ڏيڻ گهرجي. ان لاءِ سنڌ ۽ پنجاب تي قبضو ضروري هو.

سنڌ تي قبضي جو ڪم چارلس نيپيئر کي ڏنو ويو، جنهن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو. ان دوران انگريزن کي سنڌ اندر پيغام رساني لاءِ اڌ سرڪاري ۽ اڌ خانگي طرح جو ڊاڪ سسٽم نظر آيو. خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد کان خيرپور ۽ شڪارپور تائين اهو نظام هو. پر ان وقت جا پيغام رسان رقم جهجهي وٺندا هئا. انگريزن سنڌ تي قبضي بعد ان نظام کي سنوت ۾ آندو. بارٽل فريئر کي بمبئي پريزيڊنسي پاران سنڌ واري پوسٽ نظام جي ماڊل ۾ نواڻ آڻڻ جو چيو ويو ۽ ڪاميابي جي صورت ۾ پوري هندستان ۽ ايشيا ۾ جاري ڪرڻ جو طئي ڪيو ويو. جيئن ته چيو ويو هو ته سنڌ ۾ اهو نظام مهانگو هو، ان ڪري ان کي “پيني پوسٽيج اسڪيم” وسيلي سستو ڪيو ويو ۽ ساڳي نظام ۾ ڪي انفرا اسٽرڪچر جا سڌارا آندا ويا. ان ويب سائيٽ موجب، ڪراچي جي پوسٽ ماسٽر ايڊورڊ ليس ڪوفي پهرين سنڌ ڊاڪ ٽڪلي جي ڊزائين ڪري لنڊن جي هڪ ڪمپني ايم ايس لا رو اينڊ ڪو لميٽڊ مان ڇپرائي. اڀريل ڇپائي هئي ۽ ان جي سيڪيورٽي جو خاص خيال رکيو ويو. ان تي سنڌ ۾ سوين سالن کان استعمال ٿيندڙ لفظ “سنڌِ ڊاڪ” ۽ واڌو لفظ ٽڪلي (Scinde Dawk Stamps) رکيو ويو ۽ جڏهن سموري هندستان ۾ اهو ڊاڪ ٽڪلي جو نظام آندو ويو ته ان تي اهو ئي “ڊاڪ” لفظ مستقل ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين هلندڙ آهي. ويب سائيٽ يا ٻين هنڌن تي سنڌي ڊاڪ جا شروعاتي نمونا موجود آهن، جن تي Scinde District Dawk لکيل آهي. سنڌ ۾ اها ڊاڪ ٽڪلي اڀريل هئي ۽ پهريائين اڇي ۽ پوءِ ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جي جاري ٿي هئي. بعد ۾ ان جا رنگ مٽبا رهيا. انگريزن پاران ان کي پبلڪ ڪرڻ مهل چيو ويو ته اها ايشيا جي پهرين ڊاڪ ٽڪلي ۽ دنيا جي ڏهين آهي.

انگريزن ايشيا ۾ موجود ڊاڪ جي طرز واري نظام کي جاچڻ بعد ڪلهوڙن کان ٽالپرن وٽ موجود ان نظام کي ٻين کان بهتر ڄاڻايو. نه رڳو اهو پر سنڌ جي معاهدن وارن دستاويزن کي به بهتر ڪرڻ بعد انهن کي ئي ٻين هنڌن تي لاڳو ڪيو. سنڌ ڊسٽرڪٽ ڊاڪ کي سينگارڻ جو ڪم لاڳيتو جاري رهيو ۽ سنڌ ۾ جيڪو ٺڪرن تي ڪم هو يا اجرڪ تي اهو به وقت بوقت شامل ڪندا ۽ بدلائيندا رهيا، اهي عڪس به انٽرنيٽ تي موجود آهن. آمريڪي جرنلThe American Journal of Philately موجب “سنڌ ڊاڪ اسٽمپ” 1850 ۾ ٺاهيو ويو ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي ويب سائيٽ موجب هڪ سادي ٽڪلي 1851ع ۾ جاري ڪئي وئي ۽ 1852ع ۾ عاليشان قسم جي ڳاڙهي ٽڪلي جاري ٿي، جڏهن ته ان دوران اڇي ٽڪلي آئي پر 1854ع ۾ آيل نيري ٽڪلي گهڻو وقت 1865ع تائين جاري رهي.

ڪجهه ٻين ويب سائيٽس موجب، سنڌو واديءَ ۾ اهو ڊاڪ نظام تمام گهڻو آڳاٽو رهيو آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي واپاري ۽ فوجي مقصدن لاءِ ڪتب ايندو رهيو آهي. ويب سائيٽ تي 1890ع جي هڪ آمريڪي تحقيقي جرنل The American Journal of Philately ۾ بارٽل فريئر جو اهو خط به ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن ايسٽ انڊيا ڪمپني کي سنڌ جي پوسٽ نظام جي اهميت بابت ٻڌايو آهي ۽ هن ڪمزورين جي نشاندهي ڪري انهن کي بهتر ڪرڻ بعد انگريز راڄ لاءِ فائدي طور استعمال ڪرڻ بابت صلاح ڏني آهي ۽ جنهن تي عمل به ٿيو. آمريڪي جرنل مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪ ماهرن هنن کي ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ ٽڪلي وارو نظام انگريزن جي اچڻ کان اڳ ٻي صورت ۾ موجود آهي. ان وقت آمريڪا جون نظرون سنڌ جي ڪيترن ئي معاملن تي رهيون آهن، ڇو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني جي عملدارن پاران، ٽالپر ميرن پاران جيڪي لکت ۾ معاهدا ٿيا هئا، انهن مان هڪ يا ٻن ۾ واضح هو ته سنڌ جا حڪمران آمريڪين کي سنڌ ڏانهن اچڻ جي اجازت نه ڏيندا. ان ڪري ان دور ۾ آمريڪا جو سنڌ ڏانهن ڌيان هو ۽ انهن جي اخبارن، تحقيقي جرنلن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ چڱيرڙو مواد ملي ٿو. ايستائين جو ڪارل مارڪس به هند بابت آمريڪي اخبارن ۾ مضمون لکيا، جن مان ڪن ۾ سنڌ جو به ذڪر آهي. آمريڪا جي مٿي ڄاڻايل جرنل ۾ سنڌ جي ڊاڪ ٽڪلي بابت ٻه مضمون ڏنل آهن.