اوٻاوڙو ۽ راونتي مان هڪ ئي رات اغوا جون 2 وارداتون

0
219

اوٻاوڙو/رائونتي (نمائندن وٽان) اوٻاوڙو ۽ راونتي مان هڪ ئي رات اغوا جون 2 وارداتون، ڌاڙيل کير وڪرو ڪندڙ پورهيت ۽ پاڻي جي واري تي ويل نوجوان کي اغوا ڪري ويا، اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ نٿــُو مزاري ۾ پاڻي جي واري تي ويل نوجوان عرفان مزاري اغوا، اطلاع باوجود پوليس حرڪت ۾ نه آئي، علائقي واسي پيرا کڻي ڌاڙيلن پويان روانا، راونتي ٿاڻي جي حد مان 40 ورهين جو پرهيت لالو ڌونڌو اغوا، وارث جو چوڻ آهي ته پورهيت لالو ڪچي مان کير کڻي واپس اچي رهيو هو ته رستي تي ڌاڙيل کيس اغوا ڪري ويا، ڪچي ۾ شر برادري جي ڌُر جي هٿياربندن تي پورهيت کي اغوا ڪرڻ جو الزام، مغوين جي وارثن طرفان اعليٰ اختيارين کان مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.