امريڪا، افغانستان مان وڌيڪ 19 هزار ماڻهو ڪڍي ورتا، طالبان پاران ڊالر کڻي وڃڻ تي پابندي

0
213
امريڪا، افغانستان مان
امريڪا، افغانستان مان وڌيڪ 19 هزار ماڻهو ڪڍي ورتا، طالبان پاران ڊالر کڻي وڃڻ تي پابندي

واشنگٽن: وائيٽ هائوس موجب آمريڪا اڄ افغانستان مان وڌيڪ 19،000 ماڻهن کي ڪڍيو. وائيٽ هائوس جي ترجمان هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪا 14 آگسٽ کان 82،300 ماڻهن کي آمريڪي فوج ۽ اتحادي فوجن جي اڏامن وسيلي ڪڍيو آهي. جولاءِ جي آخر کان افغانستان مان نڪرندڙ ماڻھن جو ڪل تعداد 87،900 تي پھچي ويو آھي. ٻئي پاسي طالبان افعانستان مان ڊالر ۽ نوادرات کڻي وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

طالبان جي ترجمان افغان ٻڌايو ته خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. افغانستان جي مرڪزي بئنڪ وٽ اٽڪل 9 ارب ڊالر جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا آھن، انھن مان گھڻا آمريڪا ۾ آھن. پر آمريڪا انھن اثاثن کي منجمد ڪري ڇڏيو آھي ، تنھنڪري اھي استعمال نٿا ڪري سگھجن. ان کان علاوه  ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف به افعانستان لاءِ پنهنجا قرض ۽ امداد معطل ڪري ڇڏي آهي.