اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ليول پلئنگ فيلڊ فراهم نه ڪرڻ  جا الزام رد ڪري ڇڏيا

0
61
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ليول پلئنگ فيلڊ فراهم نه ڪرڻ  جا الزام رد ڪري ڇڏيا
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ليول پلئنگ فيلڊ فراهم نه ڪرڻ  جا الزام رد ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ليول پلئنگ فيلڊ فراهم نه ڪرڻ  جا الزام رد ڪري ڇڏيا، پي ٽي آءِ کي ليول پلئنگ فيلڊ نه ملڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو ويو

پنهنجي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن استدعا ڪئي ته عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست ڏنڊ لاڳو ڪري رد ڪري، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي وئي

 ملاقات ۾ تحريڪ انصاف کي بنا فرق جي ليول پلئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، اليڪشن ڪميشن طرفان چئني صوبن جي آءِ جيز کي هدايتون به جاري ڪيون ويون

 26 ڊسمبر تائين تحريڪ انصاف طرفان  ملڪ جي مختلف هنڌن تان 33 شڪايتون داخل ڪرايون ويون، پي ٽي آءِ  جي شڪايتن تي قدم کڻڻ ۽ هدايتن جا تفصيل به سپريم ڪورٽ کي فراهم  ڪيا ويا

 پي ٽي آءِ جي شڪايت تي آءِ جي، چيف سيڪريٽري ۽ آر اوز عملدرآمد رپورٽس به جمع ڪرايون، ليول پلئنگ  فراهم نه ڪرڻ جي الزامن کي آر اوز  جي رپورٽ جي روشني رد ڪريون ٿا