افغانين جي نيڪالي روڪيو: عورت مارچ پاران ڪراچي، ملتان، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ مظاهر ا

0
237
افغانين جي نيڪالي روڪيو: عورت مارچ پاران ڪراچي، ملتان، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ مظاهر ا
افغانين جي نيڪالي روڪيو: عورت مارچ پاران ڪراچي، ملتان، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ مظاهر ا

ڪراچي/لاهور/ اسلام آباد(نمائندن وٽان) عورت مارچ پاران افغانين جي ملڪ بدري خلاف ڪراچي، ملتان، لاهور ۽ اسلام آباد  ۾ مظاهر ا  ڪيا ويا،  ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاھرو کي غزاله شفيق، منيزه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  افغانين جي ڏيهه نيڪالي واري سرڪاري  الٽيميٽم ۾ باقي ٻه ڏينهن بچيا آهن

ڪيترائي افغان مهاجر پاڻمرادو ملڪ ڇڏي ڏيهه وڃي چڪا آهن، هنن چيو ته  سنڌ ۾ پوليس پاران پي او آر ھجڻ باوجود ڪيترن افغاني مردن ۽ عورتن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جڏهن ته افغاني عورتن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي

هنن چيو ته 40 سالن کان ھتي رھندڙ افغانين جا پٽ ۽ ڌيئرون   اسڪولن ۾ پڙھن ٿيون، انھن کي واپس افغانستان اماڻڻ جو مطلب کين موت جي سزا ڏيڻ برابر آھي

افغانستان ۾ عورتون آزاد ناھن،  کدڙن فقيرن جي حقن لاءُ جاکوڙيندڙ شھزادي راءِ چيو ته سنڌ ۾ 280 افغاني کدڙا فقير رھن ٿا، جيڪي افغانستان موٽڻ جي صورت ۾ قتل ٿي ويندا، ھنن مطالبو ڪيو ته افغانين کي واپس اماڻڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي