افغانستان ۾ صورتحال واضح ناهي، صحافي احتياط سان ڪم ڪن: طالبان ترجمان

0
178

ڪراچي(م ڊ) طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد افغانستان ۾ ڪم ڪرڻ وارن صحافين کي محتطاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪابل ۾ غير ملڪي صحافين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ذبيح الله مجاحد چيو ته افغانستان ۾ ڪم ڪرڻ جي مڪمل اجازت آهي، جڏهن حڪومت ٺهي ويندي ته صحافين کي چُر پُر جي سهولتون ڏينداسين، هاڻي صورتحال واضح ناهي، ان ڪري صحافي محتاط ٿي ڪم ڪن.هن چيو آهي ته صحافين جي سهولت لاءِ ٽي رڪني ٽيم جوڙي رهيا آهيون، صحافي دنيا کي افغانستان جي اصل تصوير ڏيکارين. ذبيح الله مجاهد جو چوڻ هو ته 10 ڏينهن اڳ واري سيڪيورٽي صورتحال جو اڄ سان نه ڀيٽايو. ان موقعي تي طالبان ترجمان پنهنجي ٽن ساٿين سان گڏ صحافين جا مسئلا به ٻڌا..