اسرائيلي جيٽ جهازن جي غزه تي سڄي رات بمباري ۾ وڌيڪ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي

0
141

شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 7 هزار 326 ٿي ويو، اسرائيلي بمباري سبب غزه جون انٽرنيٽ ۽ فون سروسز معطل ٿي ويون، غزه جو باقي دنيا سان رابطو ڪاٽا ٿي ويو

اسرائيلي فوج پاران حماس جي فضائي آپريشن جي سربراهه عاصم ابو رڪبه کي هڪ هوائي حملي ۾ مارڻ جي دعويٰ، عاصم ابو رڪبه 7 آڪٽوبر تي پيراگلائيڊرز جي مدد سان اسرائيل تي حملن جي قيادت ڪئي هئي، ٻارڻ جي کوٽ سبب غزه جون اسپتالون بدترين انساني بحران کي منهن ڏيڻ لڳيون، زخمي ٿيل سوين ٻارڙن سميت هزارين زخمين جو علاج وڏو چئلينج بڻجي ويو

اسرائيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو غزه ۾ جنگبندي وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اسرائيل جي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته يو اين جنرل اسيمبلي جو مطالبو رد ڪيون ٿا، اسرائيل حماس کي ختم ڪرڻ جو ائين ارادو رکي ٿو جيئن دنيا نازين ۽ داعش سان ڪيو هو

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزه ۾ فوري جنگبندي جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءَ جي اڪثريتي راءِ سان منظور ڏني، عرب ملڪن پاران پيش ڪيل گڏيل قرارداد جي 120 ملڪن حمايت ۽ 14 ملڪن مخالفت ڪئي، 45 ملڪ ووٽنگ واري عمل مان غير حاضر رهيا

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته غزه ۾ 20 لک انسان تباهيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن، غزه ۾ شهرين لاءِ تصور نه ڪرڻ جوڳي تباهي آهي، سڀ پنهنجيون ذميواريون ادا ڪن، ٻي صورت ۾ تاريخ اسان جو فيصلو ڪندي