آمريڪي صدر طرفان ڪابل ڌماڪن جو ذميوار داعش خراسان قرار

0
286

ڪراچي: امريڪي صدر جو بائيڊن ڪابل ڌماڪن جو ذميوار داعش خراسان کي قرار ڏيندي ڪالعدم تنظيم جي قيادت مٿان حملن جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ميڊيا بريفنگ ۾ جوبائيڊن چيو ته داعش ۽ طالبان ۾ ڳٺ جوڙ جون شاهديون ناهن مليون، طالبان سٺا ماڻهو ناهن پر ڪابل ايئرپورٽ تائين رستو کليل رکڻ اُنهن جي به مفاد ۾ آهي، امريڪي اهلڪارن مٿان حملي جي منصوبابندي داعش ۽ افغان جيلن مان نڪتل دهشتگردن ڪئي..

نيٽو طرفان طالبان کان ڪابل ۾ داعش جي نيٽ ورڪ جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، نيٽو سفارتڪار چيو آهي ته طالبان تازو ئي جيلن مان هزارين قيدين کي آزاد ڪيو آهي، سيڪيورٽي هاڻ طالبان جي ذميواري آهي: طالبان ڪابل ڌماڪن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، طالبان ترجمان چيو آهي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن جِي روڪٿام ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي پاڪستان سميت عالمي برادري طرفان ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪن جي مذمت: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، سعودي عرب، چين، برطانيا، جرمني، اٽلي ۽ فرانس سميت ٻين ملڪن دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، صورتحال تي ويچارڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرز جو اجلاس طلب، امريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزير اعظم سان رٿيل ملاقات ملتوي ڪري ڇڏي.

ھي به پڙھندا

ڪابل جي ايئرپورٽ تي ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جو انگ 90 ٿي ويو