آمريڪا ۾ فائرنگ ۽ باهه جي واقعي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا

0
183

آمريڪي رياست واشنگٽن جي شهر ڪينا ويڪ ۾ فائرنگ ۽ باهه لڳڻ جي واقعن ۾ 4 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پوليس عملدارن کي شڪ آهي ته هڪ هٿياربند شخص فائرنگ ڪري ٽن ماڻهن کي قتل ڪيو، جڏهن ته واقعي ۾ هڪ شخص زخمي به ٿي پيو.

پوليس عملدارن جو جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۽ باهه لڳڻ جو اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهتاسين ته هڪ شخص زخمي حالت ۾ هو ۽ ٻن گهرن کي باهه به لڳل هئي.

مقامي پوليس موجب شڪي شخص پهرين ٻن گهرن کي باهه ڏني ۽ پوءِ فائرنگ ڪئي، ويجهو بيٺل هڪ ٽرڪ مان پوليس تي به فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي جواب ۾ پوليس طرفان به فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ۾ باهه ڀڙڪي پئي ۽ سڙيل ٽرڪ مان هڪ نا معلوم شخص جو لاش هٿ آيو.

پوليس پاران خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته هڪ گهر مان وڌيڪ ٻن ماڻهن جا لاش بر آمد ٿيا آهن جن جو واسطو به ان ئي واقعي سان ٿي سگهي ٿو، پر واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون.