آمريڪا جو ڪابل ڌماڪي جي منصوبي ساز کي مارڻ جي دعويٰ

0
258
آمريڪا جو ڪابل ڌماڪي جي منصوبي ساز کي مارڻ جي دعويٰ
آمريڪا جو ڪابل ڌماڪي جي منصوبي ساز کي مارڻ جي دعويٰ

ڪراچي(م ڊ) ڪابل ايئرپورٽ تي آپگهاتي حملي بعد امريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر  افغانستان ۾ ڊرون حملو ڪري ايئرپورٽ ڌماڪي جو منصوبي ساز مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  ننگرهار ۾ فورسز داعش جي ويڙهاڪ ٺڪاڻن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ داعش خرسان سان واسطو رکندٽڙ ڪابل ايئرپورٽ حملي جو منصوبي ساز مارجي ويو، حملي ۾ عام شهرين جو جاني نقصان ناهي ٿيو.

واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ ڪابل ايئرپورٽ ٿي ٿيندڙ ڌماڪي ۾ هن وقت تائين 13 آمريڪي فوجين سوڌو 170 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.

ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جي ذميواري داعش قبول ڪندي چيو هو ته حملي آور آمريڪي فروسز جو سيڪيورٽي حصار مان گذري 50 ميٽر اندر وڃي پاڻ کي بارودي مواد سان اڏايو.

آمريڪا جي صدر جوبائيڊن ڪابل ايئرپورٽ تي آپگهاتي حملي جو ذميوار داعش خراسان کي قرار ڏيندي هن جي قيادت تي حملن جو حڪم ڏنو هو..