آغا سراج دراني  طرفان افغانين سميت سمورن پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو

0
202

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) آغا سراج دراني  طرفان افغانين سميت سمورن پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، آغا سراج دراني افغانين سميت  سمورن پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو  اسپيڪر آغا سراج دراني آمدني کان  وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو، جوابدارن جا وڪيل پيش نه ٿيڻ  تي عدالت ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي  هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

عدالت ۾ ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته سنڌ اسيمبلي جي فلور تي چئي چڪو آهيان ته سمورن پناهگيرن کي سندن ملڪ  واپس موڪليو وڃي

آغا سراج دراني موجب جيڪڏهن ڪنهن وٽ منهنجي خلاف افغان پناهگيرن جي سرپرستي جا ثبوت آهن ته پيش ڪري، مون تي بغير ثبوتن جي تنقيد ڪئي پئي وڃي، پيپلز پارٽي اليڪشن لاءِ تيار آهي

اسان جي ڪوشش آهي ته بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ملڪ جو وزيراعظم  بڻايو وڃي، اسان غيرقانوني پرڏيهين جي حمايت ۾ ناهيون، سمورن پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪيو وڃي، مون مٿان غلط الزام هنيا پيا وڃن