ڪراچي (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ليگي اڳواڻ جي بيان کي غيرذميواراڻو قرار ڏئي ڇڏيو، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته محمد زبير ۽ نواز ليگ جي هڪ ٻن ٻين دوستن به غيرذميواراڻي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پاڪستان سمجهي ٿو ته پاڪستان هن وقت جيڪا چال هلي رهيو آهي، اها جاگرافيائي تبديلي آهي، جنهن جا ڏور رس نتيجا نڪرندا، ڀارت آرٽيڪل 35 اي ۾ جيڪا تبديلي ڪرڻ چاهي ٿو، ان تي ڳڻتي آهي، ان کي روڪرائڻ لاءِ اسان منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، ان کي اجاگر به ڪريون پيا.