پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن شھر ۽ ڀرپاسي ۾ فارمي مرغي جي گوشت جي قيمت بلند ترين سطح تي پهچي وئي، ڪُڪڙ جو گوشت 650 روپيا في ڪلو ٿي ويو آهي
مارڪيٽ ذريعن موجب ٻاڪرو گوشت في ڪلو 1500 روپيا، وڏو گوشت في ڪلو 700 روپيا ڪڪڙ جو گوشت 620 کان 650 روپيا في ڪلو تائين وڪامڻ لڳو
شهرين جو چوڻ آهي ته سبزيون، ميوه ۽ گيهه سميت عام واهپي جي شين جا اگهه پڻ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آھن
بصر 120 روپيا في ڪلو، ٽماٽا 100 رپيا في ڪلو، ميها 120 روپيا في ڪلو، ٿوم 300 روپيا، ادرڪ 350 روپيا في ڪلو ۽ ٻين کاڌ خوراڪ جي شين جا ريٽ پڻ وڌي ويا آھن
ھي به پڙھندا
منهنجي خاندان سان ظلم ٿيو، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي: ام رباب