پي ٽي آءِ کي شايد عدالتن تي اعتماد ناهي، چيو وڃي ٿو ته ٻئي جي حڪم تي عدالتون کوليون وينديون آهن: چيف جسٽس

0
282
جن ميمبرز جون استيعفائون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ کي شايد عدالتن تي اعتماد ناهي، سياسي بيانيو بڻايا پيا وڃن ته عدالتون ڪنهن ٻئي جي حڪم تي کوليون وينديون آهن

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪرڻ خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻو گهرو وزير عدالت ۾ پيش ٿيو

چيف جسٽس شيخ رشيد کي روسٽرم تي طلب ڪندي چيو ته جلسن ۾ عدالتن تي الزام هڻڻ افسوسناڪ آهي، ڇا توهان ۽ توهان جي اتحادي پي ٽي آءِ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي اعتماد آهي؟ جيڪڏهن عمران خان کي اعتماد ناهي ته بطور چيف جسٽس معذرت ڪري ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ڏانهن موڪليان ٿو، جلسن ۾ چيو ويو وڃي ٿو ته عدالتون آزاد نه آهن، 2014 ۾ رات 11 وڳي پي ٽي آءِ جا ورڪرز حراست ۾ هئا انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو

چيف جسٽس شيخ رشيد کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پي ٽي آءِ چيئرمين کان به پڇا ڪريو، جيڪڏهن کيس اعتماد ناهي ته پوءِ اسان نه ٿا ٻڌون، عوامي جلسن ۾ روز چيو وڃي ٿو ته عدالتون رات جو ڇو کليون، سياسي بيانيو بڻايو پيو وڃي ته عدالت ڪنهن ٻئي جي حڪم تي کلن ٿيون، هن عدالت ۾ گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس آهن، بلوچ شاگرد هن عدالت ۾ آهن، عوام جو اعتماد خراب نه ڪيو

چيف جسٽس اسلام آباد چيو ته شيخ صاحب، هي عدالتون سڀني لاءِ آهن، سياسي بيانن ۾ ان کي خراب نه ڪيو وڃي، جنهن تي شيخ رشيد جواب ڏنو، رائٽ سر، جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي شايد عدالتن تي اعتماد ناهي، جنهن تي شيخ رشيد جواب ڏنو ته اعتماد آهي ته تڏهن ته عدالتن ۾ آيا آهيون

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان کي عدالت تي اعتماد آهي ته پوءِ هي عدالت ٻڌندي، سائل جو عدالت تي اعتماد هجڻ تمام ضروري آهي، ٻيون به عدالتون آهن ۽ جج به آهن جيڪي توهان جا ڪيس ٻڌي سگهن ٿا

جسٽس اطهر من الله شيخ رشيد کي چيو ته توهان جي وڪيلن توهان کي ٻڌايو هوندو ته رولز موجود آهن، چيف جسٽس ڪنهن به وقت وقت ڪيس هلائي سگهي ٿو، بعد ۾ عدالت ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪرڻ خلاف درخواست تي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن ۽ حنيف عباسي ذريعي وفاق کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

عدالت وزيراعظم کي حنيف عباسي جي خاص مددگار طور مقرري تي نظرثاني جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

منهنجي خاندان سان ظلم ٿيو، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي: ام رباب