سيڪريٽري زراعت سنڌ ۽ پ پ اڳواڻ جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، مراد علي شاهه جي تعزيت

0
65
سيڪريٽري زراعت سنڌ ۽ پ پ اڳواڻ جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، مراد علي شاهه جي تعزيت
سيڪريٽري زراعت سنڌ ۽ پ پ اڳواڻ جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، مراد علي شاهه جي تعزيت

سيوھڻ: سيڪريٽري زراعت سنڌ سيد اعجاز علي شاهه ۽ پيپلز پارٽي ضلع ڄامشورو جي صدر آصف علي شاهه جي امڙ ماجدہ 80 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جي جنازي نماز قلندر لعل شھباز جي درگاهه جي اڱڻ ۾ ادا ڪئي وئي

 جنازي نماز  ۾ سيوھڻ ۽ سنڌ جي مختلف علائقن کان وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي، وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي کان سيوھڻ   پهتو ۽ مرحومه جي قبر تي گلن جي چادر چاڙھي ۽ وارثن سان تعزيت ڪئي

سنڌ جي مختلف علائقن مان سياستدانن، سماجي اڳواڻن، آفيسرن، سيد ڪٽنب جي مٽن مائٽن ۽ درگاهه قلندر جي عقيدتمندن پڻ تعزيت ڪئي