ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي جي چونڊن ۾ ن ليگ جي ٻن عورت اميدوارن سميت 6 عورتون به ميدان تي لٿل رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي جي 23 وارڊن لاءِ 250 مرد اميدوارن فارم ڀريا آھن انهن سان مقابلي لاءِ 4 وارڊن تان نواز ليگ جي ٻن عورت اميدوارن سميت 6 عورتون به ميدان تي لٿل آهن گڏ ڪيل معلومات موجب ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 18 تي نواز ليگ جي سيما زال سڪندر خاصخيلي ۽ وارڊ نمبر 23 تي نوازليگ جي زبيدھ زال جعفر علي اميدوار آھن جڏهن ته آزاد اميدوار طور وارڊ نمبر 8 مان انوري بيگم زال محمد شريف ، وارڊ نمبر 18 مان شازيه پروين ، وارڊ نمبر 19 مان 2 عورتون امبرين زال شمشاد علي ۽ روزينه زال محمد آچر مرد اميدوارن سان مقابلي لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن ميونسپل جي تاريخ ۾ پھريو ڀيرو ايترين عورتن چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم ڀرايا آھن ماضي ۾ عورتون رڳو مخصوص سيٽن تي چونڊجي ميونسپل ڪميٽي جون ميمبر ٿيون آهن .