۽ وري نئون شرط

0
528

سنڌ ۾ اوکي ويل کي امتحان به چيو ويندو آهي قدرتي آفتون هجن مينهن طوفان هجن،يا غربت بيماري هجي،جنگ جيل ڇو نه هجي اهڙي حالت مان گذرڻ کي وڏي امتحان مان گذرڻ به چيو ويندو آهي . هن وقت امتحان لفظ جو استعمال گھڻو تڻو تعليمي ميدان ۾ ٿئي ٿو مذهبي يا اسڪولي تعليم جو ڪورس مڪمل ٿيڻ تي جيڪو اڪثر هڪ سال پڙهڻ لاءِ هوندو آهي هر سال شاگردن کان پڙهيل ڪورس مان پرک ورتي ويندي آهي ته ٻارن ڪيترو سکيو ۽ پرايو آهي. هن عمل کي اسان وٽ امتحان چيو ويندو آهي .
بابا وارا ته نيچ نوڪري جا قائل هئا پر ڳوٺ ۾ ٻه ٽي سرڪاري نوڪري وارا پڻ ٿيا ٻه مهينا گرمي جي موڪل هيءَ سياري جي موڪل هيءَ هر آچر تي موڪل ڇا ننڍيون وڏيون عيدون تنهن ۾به موڪل خاص ڳالهه ته مهيني تي پگھار به کڙي ، انهن ڳالهين ڳوٺ ۾ اهڙو چس وڌو جو هرڪو پنهنجي ٻارن لاءِ سليٽ ۽ پٽي وٺيو اچي. اسان جو ته هڪ عزيز چوندو هو ته جيڪڏهن ڏاندن جي جوڙي برابر رقم سان نوڪري ملي ته وٺڻ ۾ دير نه ڪجي. شروع ۾ عالمي معيار موجب پڙهيل انسان مان مراد ان طرفان ڪا به سٽ لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڏانءٌ هو هاڻي ته دنيا ڪمپيوٽر هلائيندڙ کي ئي پڙهيل مڃي ٿي. خير دنيا جا فلسفا دنيا ڄاڻي اسان جو مقصد پڙهو ۽ نوڪري ڪريو آهي. ڇوڪري کي ڪو سکيو ٽڪر نصيب ٿئي واري سوچ هيٺ مون واري امڙ به منهنجي پڙهڻ لاءِ پريشان هجي. اڃان سنڌي اسڪول ۾ پڙهيس پئي ته امڙ پير صاحب کان منهنجو امتحان ۾ فل پاس ٿيڻ لاءِ تعويذ وٺي آئي. کيس تلقين ڪيائونس ته رڳو امتحان واري ڏينهن ٻانهن تي ٻڌ جوس . مون کي به الاءِ متحان جو ڊپ الاءِ تعويذ جو تيک امتحان ڏئي گھر اچان ته اچي تپ ورايو، سڄي رات پيو ڪڙڪان ۽ صبح جو مس وڃي جان ڇٽي. ڀٽي صاحب به هڪ دفعي امتحان بنا شاگرد پاس ڪيا هئا ۽ هاڻي 2020ع ۾ ڪورونا سبب ملڪ ۾ امتحان نه ٿيا ۽ ٻار پاس ڪيا ويا. مان سمجھان ٿو شاگردي ۾ اهڙي ڪا به ٻي خوشي ئي نه آهي جو امتحان ڏيڻ بنا پاس ٿي وڃي. يونيورسٽي ۾ پڙهندي سيميسٽر سسٽم ڏاڍو سولو ۽ لاڀائتو محسوس ٿيو ۽ سوچيندا هئا سين ته ڪاليجن ۽ هاءِ اسڪول ۾ به امتحان ايئن ٿين ته ڏاڍو ڀلو ٿئي.
بورڊ جي سرٽيفڪيٽ کي اهميت هئي مٿاهين مارڪن وارا شاگرد ڊاڪٽري ۽ انجينئري ۾ چونڊبا هئا ان کان پوءِ باقي رهندڙ يونيورسٽي ، ڪاليج ۽ باقي رهندڙ پرائيويٽ امتحان ڏين پيا. سو اڄ ڪريون ٿا ڊاڪٽري پڙهڻ جو ذڪر اسان جي ڳوٺ مان هڪ غريب گھراڻي جي ڇوڪري جي ڊاڪٽري ۾ داخلا ٿي وئي سڄي گھراڻي ۾ خوشي هجي ۽ ڳوٺ ۾ پڻ ان وقت ڊاڪٽري جا شروعاتي ٻه سال پڙهائي پوءِ امتحان وٺندا هئا. ڇا ٿا سمجھو ٻن سالن جو ڪورس ياد ڪري امتحان ڏيڻ ڪيترو ڏکيو هوندو ؟ هي همراهه به هڪ پيپر ڏئي اچي ڳوٺ پهتو چيائين هي امتحان منهنجي وس ۾ ئي نه آهي مان وڌيڪ پيپر ڪو نه ڏيندس. سڄو گھر پريشان گھڻو ئي سمجھائينس ايئن نه ڪر ماڻهن ۾ گھٽتائي ٿي پوندي پر همراهه کي مڃڻ واري ئي نه هجي. نيٺ ماءُ چيس ته ناپاس ٿيڻ جو خير آهي تون رب تي رکي وڃ پيپر ڏي.نيٺ بي دليو راضي ٿيو ۽ سومهڻي جو وڃي هائي وي تي بس تي چاڙهي آيس ته رات سفر ڪري صبح وڃي پيپر ۾ ويهي. اڳتي هلي ٻن سالن جو گڏيل امتحان وٺڻ واري پاليسي ختم ڪري سال سال جو امتحان وٺڻ طئه ٿيو. ساڳئي وقت سنڌ ۾ ڊاڪٽري پڙهائيندڙ ڪجهه ادارا سيميسٽر سسٽم هيٺ به هليا پئي انهن ادارن ۾ پڙهندڙ ٻار سولائي سان امتحان ڏئي رهيا هيا ته اوچتو سرڪار کي الاءِ ڪهڙي سجھي جو پوري سنڌ ۾ ڊاڪٽري پڙهائيندڙ ادارن ۾ ساليانو امتحان لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ حالت هي آهي جو امتحان وارو پورو مهينو ٻار ٽي ڪلاڪ به سمهي نه ٿا سگھن ۽ کانئن کائڻ به ڇڏايو وڃي ڪيترا ئي شاگرد اهڙا جيڪي 12 مان 11 چيپٽر ته ياد ڪري ٿا وٺن ۽ جڏهن زباني امتحان ۾ ويهن ٿا ته استاد وڃي ٿو ٻارهين چيپٽر مان سوال ڪري ۽ شاگرد صحيح جواب نه ڏئي سگھڻ تي امتحاني هال کان هاسٽل جي ڪمري تائين ڳوڙها ڳاڙيندا موٽن ٿا.
يارهين ۾ داخل ٿيندي ئي محنتي شاگرد ڊاڪٽر ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪندي اڌ ڏينهن ڪلاس ته اڌ ڏينهن ٽيوشن پڙهن ٿا ۽ رات جا ٻه پهر بجلي هجي نه هجي پوءِ به جاڳي ڏينهن وارو پڙهيل ڪورس ياد ڪن ٿا ۽ لڳاتار ٻن سالن جي محنت کان پوءِ انٽري ٽيسٽ ۾ ويهن ٿا ، سٺيون مارڪون کڻندي به ڪيترا ٻار داخلا کان رهجيو وڃن ڇو ته ادارن ۾ ايتريون سيٽون ئي نه آهن. ته اهي شاگرد ٻاهر وڃي خاص طرح چائنا ۾ ڊاڪٽري پڙهن ٿا. اهڙن پڙهي موٽندڙ ڊاڪٽرن کي پي ايم ڊي سي طرفان سندن امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ٽڪي ڦوٽي لکڻ جي اجازت ڏيڻ جي پاليسي ٺاهي. انهن ٻارن جي امتحاني پريشاني اداري کي اهڙو سرور ڏنو جو هاڻي پي ايم ڊي سي مان فري پي ايم سي ٿيندڙ اداري پوري ملڪ اندر ايم بي بي ايس پاس ڪندڙ شاگردن کي به پنج سال پڙهيل ڪورس مان ٻيهر اين ايل اي نالي امتحان ڏيڻ جي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ، ٻي صورت ۾ ملڪ اندر پڙهيل ڊاڪٽرن کي ٽڪي ڦوٽي لکڻ جي اجازت نه هوندي . سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته غير ملڪي ادارن جي تعليم جو معيار نه آهي ته پوءِ شاگردن کي اوڏانهن پڙهڻ جي اجازت ڇو ٿي ڏني وڃي ؟ ۽ جيڪڏهن ملڪ اندر ڊاڪٽري پڙهائيندڙ ادارن جا امتحاني شعبا اهڙا غير معياري آهن ته پوءِ هرسال ٻارن کي امتحان جي نالي ڇوٿو لوڙايو وڃي؟ ڇا پاليسي ٺاهيندڙ پنهنجي لاءِ به ملازمت ۾ اچڻ کان پوءِ ڪڏهن به پهرئين درجي کان پڙهيل آخري ڊگري تائين اهڙو امتحان ڏيڻ پسند ڪندا؟ چون ٿا عرب سماج ۾ ڳالهيون ياد رکندڙ کي مٿانهون ڀانيون ويندو آهي يعني تاريخ شاعري ادب يا پنهنجو شجرو ياد هجي لکت ۾ رکڻ هنن وٽ عيب سمجھيو ٿي ويو. ياد رهي ته علم ته دنيا تي موجود رهيو آهي پر جڏهن کان ان کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي ته موجوده دور تائين پهچندي ان ۾ الاءِ جي ڪيترو واڌارو ٿيو آهي جيڪو مڪمل طرح هڪ انسان جي دماغ کان گھڻو آهي ان لاءِ ضروري هوندو آهي ته پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ عالمي دين پاڻ ڪورس جي ڪتابن کان پوري زندگي پري نه ٿين. پراڻي دور جي لوڪ ڪهاڻين ۾ جيئن امرت سر جي ڳولا ۾ شهزادو جنن ، ڀوتن ۽ ديون جي دنيا فتح ڪرڻ کان پوءِ پهچندو هو ايئن اسان جي ملڪ ۾ به اسڪولي تعليم کي به امرت سر جي حيثيت ڏئي جنن ڀوتن جيان امتحاني سلسلا لاڳو ڪيا پيا وڃن. هاڻي يا ته اڳوڻي دور جا شهزادا ٻيهر جنم وٺي اچن يا پوءِ ڪي جبل چاڙهو ئي اچي ان کي سر ڪن باقي عام شاگرد ته وڃي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي. بهتر آهي ته ڊاڪٽري پڙهندڙ شاگردن لاءِ سيميسٽر لاڳو ڪندي ادارن طرفان ڏنل ڊگرين کي اهليت طور تسليم ڪيو وڃي ، اڃان وڌيڪ ته هائوس جاب ٻه سالن جو ڪيو وڃي ته جيئن شاگردن کي عملي طرح سکڻ ۽ نسخي لکڻ جو ڏانءُ حاصل ٿئي، باقي ڊاڪٽري پڙهندڙ شاگردن جي پوري زندگي ايئن امتحان بنا ئي رکڻ عقلمندي نه آهي. ڪڏهن سوچيو اٿو ته 1. جرمني ۽ جپان جون سرحدون گڏ هجن 2. ڊگري ته ڊگري هوندي آهي جعلي هجي يا اصلي 3. ڪراچي جي آبادي 20 ڪروڙ کان مٿي آهي جهڙيون ڳالهيون ڪندي ڪامياب حڪومت هلائي سگھجي ٿي ته مڃيل ادارن طرفان ڏنل ڊگرين هوندي ڊاڪٽر ڪلينڪ ڇو نه ٿو هلائي سگھي ؟