ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … وطن ۾ بي وطني جو درد

0
142
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... وطن ۾ بي وطني جو درد

 اڄ  ڪوھستان جو ھر ماڻھو اداس دل سان سوچي رھيو آھي ته زمين منھنجي، وطن منھنجو، ديس به منھنجو، ويس به منھنجو، جتي آئون عمر جو ڊگھو پنڌ ڪري ھتي اچي پھتو آھيان. جتي منھنجا عشق اجرا ٿيا، جتي منھنجي ٻالڪپڻ جا پنڌ آھن، وڏڙن جا پير ليڪيل آھن، ماضي جي شاندار تاريخ جا باب دفن ٿيل آھن، اتي آئون اوپرو اڪيلو ويڳاڻو ڇو ڪيو ويو آھيان، جڏھن ته ھن ڀونءَ جي ڀينڊ ڀينڊ تي منھنجو حق آھي ته پوءِ ھي ڇا آھي، جو رات وچ ۾ منھنجي جھمپير جي لکين ايڪڙ زمين تي ھي ڀانت ڀانت جا بلڊر اچي ڪٺا ٿيا آھن. منھنجون اباڻيون زمينون ونڊ پاور پروجيڪٽ جي نالي تي کسي منھنجي مٿان ھٿياربند مليشائون ويھاريون ويون آھن. وک وک تي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اسين غزا جي پٽيءَ مان گذري رھيا آھيون. چوگرد چوڪيون لڳل آھن، جتي اسان جي عزت نفس مجروح ڪئي ٿي وڃي، اسان جي مٿن تان پنھنجي صدين جي سڃاڻپ جو نشان سنڌي ٽوپي لھرائي ٿي وڃي، اسان جي زمينن تي ڌاريا ويھاريا ويا آھن. جيڪي برسر اقتدار آھن، تن ھڪ لمحي لاءِ به ھنن مسڪين ڪوھستانين ۽ دربدر ٿيندڙ ماڻھن جي آواز کي ٻڌڻ جي جرئت ناھي ڪئي، جن کان اباڻا پڊ ڇڏايا ويا آھن. ملڪ رياض ڪاٺوڙ کان وٺي ڄامشوري تائين نئين رياست ٺاھي ڇڏي آھي، لکين انسان بدحالي جي زندگي پيا گذارين پر ڪوھستان جا ڪوڙا ڪِنگ خاموش آھن. ھو سڀ تاريخ کان منھن موڙي رھيا آھن. تاريخ جيڪا بي رحم آھي، ان ڀُٽن جي رت جي ريج سان جنميل پارٽي کي آمريت جي شڪل ۾ آڻي بيھاريو آھي. اڄ شھيد بينظير جو روح اداس ھوندو. ڌرتي جا لکين بلاول ۽ لکين بختاورون ٻه ويلا ماني نٿا کائي سگھن.

هونئن ته سڄي سنڌ راڪاسن جي حوالي آھي پر ڪوھستان ۽ ٺٽو جيڪي اڄ ڌارين جي والار ھيٺ آھن. ھن وقت ٺٽي جي ڪا ٻاڙي ناھي بچي، جتي قبضو ناھي ڪيو ويو. ڪوڙن کاتن جي ڀرمار لڳل آھي. ھر ڀيري من پسند ڊي سي ويھاري علي حسن زرداري ۽ ان جا خاص ماڻھو سموري ساحلي ۽ جابلو زمين والاري ويا آھن. ھڪ ڀيرو ٻيھر ائين ٿو لڳي ڄڻ ٺٽي تي پورچوگيزن جي ڪاھ ٿي آھي. ساحلي پٽي ڏيھي توڙي پرڏيھي ڪمپنين ۽ سرمائيدارن جي ور چڙھي وئي آھي. ساڪري ۽ شاھبندر ۾ افغاني پٺاڻن جون بستيون قائم ڪيون پيون وڃن. دھشتگردي پکيڙيندڙ کٿابن جو ڄار تيزي سان وڇائجي رھيو آھي. افغانين کي شناختي ڪارڊ پ پ جي تعاون سان ملندا رھيا آھن. ڌارين جا ڪٽڪ ضلعي م زمينون وٺي ڳوٺ ٻڌي رھيا آھن. داٻيجي ۽ گھارو ته اسان جا رھيا ئي ناھن. اتي ڌارين جو راڄ آھي. ٺٽي جي زمين جي نيلامي ائين پئي ٿئي، ڄڻ ڪو مري ويل ماڻھن جي ملڪيت ھجي. ان سڄي عمل جو ذميوار اهو ٽولو آهي، جيڪو 15 سالن کان اقتدار ۾ رهيو آھي. تاريخ کين معاف نه ڪندي، جن پنھنجي پيٽي ۽ ڳيجھو مفادن لاءِ ته ھر ممڪن ڪوشش ڪري ٺٽي جا قديمي ماڳ مڪان ڊاھي قبضا ڪيا آھن پر ھنن وٽ ٺٽي جي پيڙيل ۽ بي وس عوام لاءِ کوکلن نعرن کان سواءِ ڪجھ به ناھي. ھزارين نوجوان ڊگريون کڻي رلن ٿا پر نوڪريون پئسن يا من پسند ماڻھن کي ڏنيون وڃن ٿيون. ضلعي ۾ صحت جي صورتحال خراب آھي. سول اسپتال مڪلي ھڪڙي بدترين جي اين جي او حوالي ڪئي وئي آھي، جتي ايمرجنسي ۾ علاج واسطي آيل غريب ماڻھو يا دربدر ٿي ڪراچي جو ريفر آرڊر وٺي ويھي رھن ٿا يا پنھنجن پيارن جا لاش گڏھ گاڏين يا رڪشائن ۾ وجھي گھر کڻي وڃن ٿا.

تعليم کاتي ۾ راشي ڪامورن جي ٻيگھي متل آھي. انفراسٽرڪچر زبون حال آھي. ترقياتي رٿائن جا اربين روپيا ناني ويڙھو ٺاھي ھضم ڪيا ويا آھن. رشوت خوري، پوليس گردي عروج تي آھي. بيت المال کان وٺي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تائين ڪرپشن جو راڄ قائم آھي. عوام بک ۽ ذلت جو شڪار آھي. ھڪ ڀيرو ٻيھر اڏيري بئراج جو رخ موڙي مين روڊ ٺاھي ذوالفقار آباد ٺاھڻ لاءِ جلسن جي مھم شروع ڪرڻ جا سانباھ ڪيا پيا وڃن پر عوام ھنن جي ان عمل تي خاموش نه ويھندو. سندن گهيراءُ ٿيندو. باقي ذوالفقار آباد جي ٺھيو ته پوءِ ٺٽي وارن کي قبرن جي جاءِ به ڪانه ملندي. ڪوھستان توڙي ساحلي پٽي جي زمينن جي ڀينگ ۽ قبضا گيري تي ھن دولھ دريا خان جي مٽي جا وارث ضرور جاڳندا. اھو وقت پري ناھي، ڇو ته ھنن وٽ رشوت ۽ سنڌ جي لٽيل دولت مان ته دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ به گھر آھن، پر ھي مسڪين ڪيڏانھن ويندا؟ لطيف چواڻي:

جي سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير،

ماروئڙا فقير، ڪنھن در ڏيندا دانھڙي.

 سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ملڪ جي اندروني علائقن کان ھجي يا ٻاھران آيل افغاني، بنگالي، بھاري ۽ برمي ھجن، انھن کي اسلام آباد تي راڄ ڪندڙ ھر حڪمران سنڌ جي مٿان انساني آبادي جو تعداد وڌائڻ لاءِ استعمال ڪندو آھي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. توڙي جو اھي غير قانوني ڌاريا خودڪش حملن، مذهبي انتهاپسندي، منشيات، هٿيارن جي ڪاروبار، اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آھن، اھي ڌاريان مذھبي انتھاپسندي ۾ ملوث آھن. حڪمرانن کي جڏھن پنھنجي لاءِ خطرو محسوس ٿيو آھي، تڏھن کين اسلام آباد مان ته ڪڍن پيا. پنجاب مان ڪڍن پيا پر سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ تيار ناھن. ملڪي اسٽيبلشمنٽ مٿن مھربان آھي. ملڪ جون مذھبي ڌريون، جيڪي سدائين حڪمرانن ۽ طاقتورن جون تابعدار آھن، اھي افغانين کي ترسائڻ لاءِ زور ڀري رھيون آھن ته اھي سنڌ ۾ رھن، جڏھن ته افغانين کي پشاور سميت سڄي ڪي پي ڪي مان ڪڍيو پيو وڃي، اتي پاڪستان جون مذھبي ڌريون چپ آھن. اھي تڏھن بي قابو ٿي وڃن ٿيون، جڏھن افغانين جي سنڌ نيڪالي جي ڳالھ ٿي ٿئي. 3 مھينا اڳ رياست اعلان ڪيو ته غيرقانوني پرڏيهين کي ڪڍنداسين پر سنڌ ۾ صرف ڊراما ڪيا پيا وڃن.

افغانستان پرامن ۽ ترقي پذير آھي. ھاڻ افغاني مھاجرين ناھن، ھي غير ملڪي شھري آھن، کين باعزت طريقي سان ٻاھر ڪڍو. پ پ، جماعت اسلامي ۽ جي يو آئي کي ڪراچي ۾ اسٽريٽ پاور کپي. سنڌ ڀلي برباد ٿئي پر ھي اقتداري موقعي پرست ٽولا هر بليڪ ميلنگ لا  ھر صورت ۾ افغانين کي ھتي رھائڻ گھرن ٿا پر سنڌ کي ھاڻ افغاني ڪنھن به ريت قبول ناھن. سنڌ ھنن جي نيڪالي لاءِ پرامن جھدوجھد جاري رکندي. سنڌي ماڻهو سنڌ مان افغانين سميت سڀني غيرقانوني ڌارين جي نيڪالي لاءِ آواز اٿارين ته ڌاريان سنڌ ڇڏي وڃو، سنڌ اسان جي ماءُ آھي. درياھ سنڌين کان کسيو ويو آھي، وسيلا سنڌ جا لٽيا پيا وڃن، بيروزگار سنڌي ڪيا ويا آھن، لاقانونيت سنڌ تي مڙھيل آھي، مُني صديءَ کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود حڪمران پنھنجي جابرانه پوزيشن تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. اڄ به سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش جاري آھي. حڪمران درست ٿيڻ جي بجاءِ ساڳيا فارمولا استعمال ڪندي ملڪ کي محڪوميت واري نظام تحت ھلائي رھيا آھن. چھرن جي تبديلي جي پريڪٽس جاري آھي. مظلوم قومن جي حقن تي راتاھو جاري آھي. افغانين کي سنڌ ۾ ڪو کٽڪو ناھي، ڇو ته حڪمران ٽولا سندن مددگار آھن. رياست کي صرف پنجاب جي ڳڻتي آھي. سنڌ سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اقتداري جنگ مان سنڌين کي ڪو فائدو ناھي.