گهوٽڪي ۾ جوابدار گهر تي چڙهائي ڪري ٻن ڄڻن کي کنڀي ويا

0
252
ميرپورماٿيلي ۾ ٻيلو پوليس

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي شهر جي احمد نگر محلي مان ڪار ۾ سوار جوابدارن گهر تي چڙهائي ڪري ٻن نوجوانن عبدالوحيد ڀٽو ۽ اقبال احمد ڀٽو کي کنڀي کڻي ويا

ٻنهي نوجوانن جي وارثن پرويز احمد ڀٽو، فقير احمد ڀٽو، راحب علي ڀٽو، آصف علي ڀٽو ۽ ٻين گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته خبر نٿي پوي ته اسان جي نوجوانن کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي اهڙي کنڀجڻ جو اطلاع گهوٽڪي پوليس ڏنو پر پوليس اسان کي ڪجه ٻڌائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي

احتجاج ڪندڙ مظاهرين ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي  کنڀي گم ڪيل ٻنهي نوجوانن عبدالوحيد ڀٽو ۽ اقبال احمد ڀٽو کي آزاد ڪرايو وڃي