لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن ) جي اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي،پر هو رڳو هوائي فائرنگ ڪندو آهي، هن کي ڪرڻو ڪجهه به ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اسٽبلشمينٽ سان ڳالهائڻ چاهي ٿي ته يا اسٽبلشمينٽ ان سان ڳالهائڻ چاهي ٿي ته بلڪل ڪن، هي اسٽبلشمينٽ کي چوندا هئا ته ڳالهيون ڪريو اسان اپوزيشن کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. راڻا ثنا جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسٽبلشمينٽ انهن جو ساٿ نه ڏنو ته هن چيو ته اهي مير جعفر ۽ مير صادق آهن انهن جو جهيڙو اهو آهي ته اسٽبلشميٽ سياست ۽ ملڪ جي نظام ۾ مداخلت ڪري.